خانپور ۾ مغوين جي آزادي لاءِ ريلي، ايس ايس پي آفيس جو گهيراءُ، ڌرڻو

خانپور(ن ع آ)خانپور ٿاڻي جي حد ۾هڪ مهينو اڳ ٽن پورهيتن چوڪيدارن محمد عظيم جعفري ۽ عبدالحڪيم بروھي ۽ مسجد جوموذن  عبد الرئوف ڀيوکي رات جو ڌاڙيل اغوا ڪري کڻي ويا هئا، مغوي جي وارثن پاران هرهر احتجاج ڪرڻ جي باوجود مغوين کي شڪارپور پوليس بازياب نه ڪرائي سگهي آهي، مغوين جي وارثن جي يو آءِ اڳواڻ مولانا غلام قادر بروهي، مولانا عنايت الله بروهي، شهري اڳواڻ حافظ محمد سليم آرائين، رحمت الله بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ خانپور رحيم آباد لاڙي کان ايس ايس پي شڪارپور آفيس تائين موٽرسائيڪلن تي ريلي ڪڍي ڪري ايس ايس پي شڪارپور آفيس اڳيان احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته خانپور ۽ شڪارپور ۾بدامني جو راڪاس وڌي ويو آهي، شڪارپور پوليس ڏوهارين سان ٻٽ بڻيل آهي، خانپور ۽ شڪارپور ۾ هڪ ڏينهن دوران ڪيترائي ڦر، ڌاڙا ۽ اغوا جا ڪيس رپورٽ ٿين ٿا پر افسوس سان چوڻو ٿو پئي ته شڪارپور پوليس هن وقت تائين ملوٽ هڪ به ڏوهاري گرفتار ڪو نه ڪري سگهي آهي، اسان ڪيترائي ڀيرا بدامني خلاف احتجاج رڪارڊ ڪرايا آهن پر هن وقت تائين شڪارپور ۽ خانپور پوليس علاقي ۾ امن ڪرائڻ ۾مڪمل ناڪام ٿي وئي آهي.هنن مطالبو ڪيو ته جيستائين مغوي عبدالحڪيم بروهي، محمدعظيم جعفري ۽ عبد الرئوف ڀيو بازياب نه ٿيندا تيستائين احتجاجن جو سلسلو جاري رهندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.