ڪامران ٽيسوري کي هٽائڻ جو مطالبو، ن ليگ پنهنجو گورنر آڻي يا اسان جو مقرر ڪري: پيپلز پارٽي

ڪراچي ( رپورٽر) پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي گورنر ڪامران ٽيسوري جي مقرري بابت معاهدو منظر تي آڻڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.نثار کهڙي پنهنجي بيان ۾ چيو ته ايم ڪيو ايم سنڌ جي ورهاست جي ايجنڊا تي  ڪم ڪري رهي آهي، اها ايم ڪيو ايم لنڊن جو تسلسل آهي.هن چيو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان ”شهري سنڌ تي قبضو نامنظور“ جا پينا فليڪس لڳرايا، ان ماضي ۾ ڪوٽا سسٽم جي حمايت ڪئي. سندس چوڻ هو ته ايم ڪيو ايم جو بنياد ئي نفرت ۽ ورهاست جي سياست تي ٻڌل آهي.هوڏانهن  سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير سعيد غني سنڌ پريس ڪانفرنس دوران هن چيو ته هو چاهين ٿا ته سنڌ جو گورنر پيپلز پارٽي جو هجي پر مسلم ليگ نون جو چوڻ آهي ته گورنر نون ليگ جو هوندو، ڪوٽا سسٽم لياقت علي خان لاڳو ڪيو هو. هن چيو ته ايم ڪيو ايم ڪريل سياست بند ڪري اسان کي حب الوطني جو درس ڏيڻ وارن کي شرم اچڻ گهرجي،صوبي ۾ بهتري ڏسي ايم ڪيو ايم زهر اوڳاڇڻ لڳي آهي، سعيد غني چيو ته 4 نوڪريون ڪندڙن خلاف انڪوائري ٿي رهي آهي، هاڻي مصطفيٰ ڪمال اسان کي سياست سيکاريندو.  سنڌ جي گورنر شپ بابت هن چيو ته پيپلز پارٽي چاهي ٿي ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جو گورنر هجي، پر ن ليگ جو چوڻ هو ته گورنر ن ليگ جو هوندو، جيڪڏهن ن ليگ گورنر مقرر نه ڪندي ته پوءِ پيپلزپارٽي جو گورنر سنڌ جو هوندو. پارٽي پنهنجو گورنر مقرر ڪندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.