ڪراچي (رپورٽر)ڪراچي ۾ ڏينهن رات بجلي جي اک ٻوٽ سبب اڪثر علائقن ۾ شهري بجلي ڪمپنين خلاف روڊن تي اچي ويا آهن، ڪراچي جي مختلف شهرن ۾ شهرين پاران احتجاجي مظاهرا رڪارڊ ڪرايا ويا، لياقت آباد ۾ شهرين ڪي اليڪٽرڪ جي آفيس جو گهيراءُ ڪري ورتو، گارڊن روڊ تي شهرين ٽائرن کي باهيون ڏئي ٽرئفڪ بند ڪري ڇڏي، ڪوئٽه اسڪوائر، عثمان آباد، گزدر آباد، گارڊن، شو مارڪيٽ، ملير، ڪورنگي، ايئرپورٽ، ڀٽائي آباد، سچل ڳوٺ، صفوران، موسميات، گلشن اقبال، جهانگير روڊ، نشتر روڊ، الله والا ٽائون ۽ ٻين شهرن ۾ 10 کان 12 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري آهي. ان ڏس ۾ شهرين جو چوڻ آهي ته سڄو ڏينهن توڙي رات بجلي جي اک ٻوٽ جاري رهي ٿي، هنن وڌيڪ چيو ته ننڍا ننڍا فليٽ هجڻ سبب بجلي نه هجڻ تي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، ٻن ڪمرن جي فليٽ جو بجلي جو بل 6 کان 9 هزار رپيا اماڻيو پيو وڃي. حالانڪه 24 ڪلاڪن مان گڏيل طور تي 16 ڪلاڪ بجلي جي فراهمي معطل رهندي آهي. هوڏانهن ڪي اليڪٽرڪ ترجمان پاران ڪي اليڪٽرڪ لياقت آباد آفيس تي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي آهي، ڪي اليڪٽرڪ جي ترجمان جو چوڻ آهي ته آفيس تي حملو ڪندڙ جوابدار گرفتار ڪيا وڃن.
اسلام آباد/ پشاور/ڪوئيٽا (بيورو/م ڊ): بجلي جي بلن ۾ واڌ ۽ لوڊشيڊنگ خلاف اسلام آباد، پشاور ۽ ڪوئيٽا ۾ واپاري برادري احتجاج ڪندي حڪومت کان لاڳو ٽئڪس واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو. ڪوئيٽا ۾ واپاري برادري انجمن تاجران جي مرڪزي صدر عبدالرحيم ڪاڪڙ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاج دوران مقررن چيو ته بجلي جي بلن تي ٽئڪسن ۾ اضافو ظالماڻو قدم آهي، مهانگائي برداشت کان ٻاهر ٿي وئي آهي، بجلي جي وڌندڙ بلن سبب ڪاروبار هلائڻ مشڪل ٿي ويو آهي. جيڪڏهن بجلي جي بلن تي ٽيڪس واپس نه ورتي وئي ته احتجاج جاري رهندو. ٻئي طرف خيبرپختونخواهه جي واپاري تنظيمن پاران به بجلي جي بلن ۽ ٽئڪسن ۾ واڌ خلاف احتجاج ڪيو ويو، واپارين وڏي انگ ۾ گڏ ٿي اشرف روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو. پشاور ۾ احتجاجي مظاهري جي اڳواڻي خيبرپختونخواه ٽريڊ يونين جي صدر ملڪ مهر الاهي ڪئي. ان موقعي تي حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي ٽريڊ يونين جي صدر ملڪ مهر الاهي مطالبو ڪيو ته بجلي جي بلن ۾ اضافو واپس ورتو وڃي. اسلام آباد ۾ به بجلي جي بلن ۾ واڌ خلاف واپارين احتجاج ڪيو. آل پاڪستان انجمن تاجران اسلام آباد ۾ آبپارا چوڪ تي احتجاج ڪيو ۽ انجمن تاجران جي صدر اجمل بلوچ حڪومت کان استعيفي’ جو مطالبو ڪندي چيو ته جيڪڏهن بجلي جي بلن تان ٽئڪس ختم نه ڪئي وئي ته شٽر ڊائون هڙتال ڪئي ويندي.
Tex Pakgovt Protest