صدر آصف زرداري فنانس بل 2024،25 جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (بيورو+م ڊ )  صدر آصف علي زرداري فنانس بل 2024-25 جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.صدر آصف علي زرداري وزيراعظم شهباز شريف جي ايڊوائس تي آرٽيڪل 75 جي تحت فنانس بل جي منظوري ڏني، نانس بل پهرين جولاءِ کان لاڳو ٿيندو.قومي اسيمبلي جمعي 21 جون تي فنانس بل ۾ شق وار منظوري کان پوءِ 18877 ارب روپين جو بجيٽ منظور ڪري ورتو هو جڏهن ته اپوزيشن جون سموريون ترميمون رد ڪيون ويون هيون. شق وار منظوري جي عمل دوران پيپلز پارٽي پيٽروليم  ڊوالپمينٽ ليوي ۾ گهٽٽائي جي ترميم واپس ورتي. پيٽروليم ليوي ۾ گهٽتائي جي اپوزيشن جي ترميم اڪثريت سان رد ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ 170 اسيمبلي ميمبرن پيٽروليم ڊوالپمينٽ ليوي ۾ گهٽتائي جي خلاف ووٽ ڏنو جڏهن ته 84 ميمبرن ليوي ۾ گهٽتائي جي حمايت ڪئي. پر ناڻي واري وزير پاڻ ئي پيٽروليم ليوي ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪيو. ياد رهي ته وزيراعظم شهباز شريف، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصفه ڀٽو زرداري به اجلاس ۾ شريڪ ٿيا هئا. اپوزيشن بجيٽ کي آءِ ايم ايف جو تيار ڪيل ۽ عوام دشمن قرار ڏيندي مخالفت ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.