جيستائين سنڌي قوم حقن خاطر نه اٿندي مسئلا حل نه ٿيندا: اياز لطيف پليجو

ميرپورخاص ( ن ع آ ) قومي عوامي تحريڪ جو ميرپورخاص ۾ جشن لطيف جو جلسي عام ٿيو، جنھن ۾ سوين سنڌياڻي تحريڪ جي ڪارڪنن سميت ھزارين ماڻھو شريڪ ٿيا. جلسي ۾ اياز لطيف پليجو مھمان خاص طور شريڪ ٿيو، جڏھن ته مظھر راھوجو، سنڌياڻي تحريڪ جي صدر زينت سمون،  سنڌي گرلس اسٽوڊنٽس تحريڪ جي مرڪزي صدر رفيعا پليجو، نثار ڀرڳڙي، ڪرڙ ريٻاري، مجيد ٻگھيو، رازو ڪولھي، مقصود ڀرڳڙي، انور نوحاڻي، شوڪت نوحاڻي، سنڌياڻي تحريڪ جي جنرل سيڪريٽري نصرت خاصخيلي، نجمه آرائين، شوڪت تنيو، الطاف خاصخيلي ۽ ٻيا اڳواڻ شريڪ ٿيا. قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي ۾ جشن لطيف  جلسي عام کي خطاب ڪندي چيو ته شاهه لطيف جي ڌرتي جو اصل حسن امن، برابري ۽ محبت آهي، اڄ سنڌ جي عوام کي تباھه  ۽ برباد ڪيو ويو آهي. شاھه لطيف جدوجهد، برابري ۽ امن جو پيغام ڏنو آهي. شاھه لطيف اشرافيه نه پر عوام جو شاعر هو، شاھه لطيف، بلي شاھه، سچل ۽ فريد جي پيغام تي عمل ڪرڻ گهرجي. سنڌ کي ڳنڍڻ جي ضرورت آهي، فڪر لطيف ماڻهن کي ڳنڍڻ جو درس ڏي ٿو. اياز لطيف پليجي چيو ته جيستائين سنڌ جا ماڻهو حقن خاطر اٿي نه بيهندي تيستائين سنڌ جا مسئلا حل نه ٿيندا،   سنڌ جا اڪثر مسئلا ڪنھن جادوءَ جي لٺ سان فورن حل نه ٿي سگھندا. اياز لطيف پليجي چيو ته پيپلزپارٽي ۽ زرداري ٽولي گذريل ٻوڏ ۾ سنڌ سرڪار هٿ وٺي 2 ڪروڙ ماڻهن کي ٻوڙي دربدر ڪيو، ھن سال به لکين ماڻھن کي ھٿرادو نمونه ٻوڙي ڪروڙين روپين جي امداد ھڙپ ڪئي ويندي. بجلي تمام گھڻي مھانگي آھي. لوڊشيڊنگ جو عذاب آھي. سنڌ جي گئس پنجاب ۽ ٻين صوبن ۾ استعمال ڪئي پئي وڃي پر سنڌ جي ماڻھن کي گئس نٿي ڏني وڃي. پيپلز پارٽي اقتداري مفادن لاءِ سنڌ جا وسيلا وڪڻي ڇڏيا آھن. اياز لطيف پليجي چيو ته پيپلزپارٽي اجھي لٽي جا ڪوڙا نعرا هڻي سنڌ جون زمينون، ڪارونجهر، ٻيٽ، پاڻي ۽ وسيلا وڪڻي ڇڏيا، ميرٽ جي لتاڙ ڪئي. سنڌ کي تباھه ۽ برباد ڪندڙ پيپلزپارٽي ۽ زرداري مافيا آهي. پيپلز پارٽي سدائين سنڌي ماڻهن کان ووٽ وٺي پوءِ انهن جي پٺي ۾ خنجر ھڻندي آهي، سنڌ جي وسيلن کي تين وال ڪندي آهي. زرداري مافيا ۽ پيپلزپارٽي نٿي چاهي ته سنڌ جا ماڻهو ترقي ڪن ۽ خوشحال واري زندگي گذارين. اياز لطيف پليجي چيو ته اسان کي به سڀ کان پھرين پنھنجي خودمختياري، پنھنجا مفاد، پنھنجا ماڻھو ۽ انھن جي خوشحالي، پنھنجي معيشت عزيز ھجڻ گھرجي پر افسوس جيڪي به حڪمران اچن ٿا اھي ٻاھرين ڊڪٽيشنز تي ھلي ملڪ کي غلام بنائي ڇڏين ٿا. پنھنجو سمنڊ، درياھ، انيڪ قدرتي وسيلا ھجڻ باوجود اسان جو عوام غربت جي چڪي ۾ پيسجي رھيو آھي۔ سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ بک، بدحالي ۽ بيروزگاري تمام گھڻي وڌي وئي آھي. اياز لطيف پليجي چيو ته حقيقي ترقي پسند، جمهوريت پسند، روشن خيال ۽ محب وطن قوتن اڳيان هميشه رڪاوٽون وڌيون ويون آهن، انھن کي دٻائڻ لاءِ  مھرا پاليا ويا آھن، اياز لطيف پليجي چيو ته پاڪستان ۾ شامل وحدتن کي ڪڏهن به برابري وارا حق نه مليا آهن. جمهوريت ۽ اڪثريت جي نالي ۾ ننڍن صوبن خاص طور سنڌ جو استحصال ڪيو ويو آهي. سنڌ ۽ بلوچستان سڀ کان وڌيڪ ڪمائي ڏيندڙ صوبا آهن پر اتي جي عوام سڀ کان بدحال زندگي گذارڻ تي مجبور آهي. جتان تيل ۽ گئس نڪري ٿو، اتي جا ڳوٺ ۽ ڀرپاسي جا لکين ماڻهو گئس جي بنيادي سهولت کان محروم آهن. پيئڻ جو صاف پاڻي ناهي، روڊ ناهن، صحت جي سهولت ناهي، تعليم کان محروم رکيو ويو آهي. سنڌ ۽ بلوچستان جي عوام کي ترقي کان بلڪل محروم رکيو ويو آهي. اياز لطيف پليجي چيو ته اسين برابري واري جمهوريت چاهيون ٿا، جنهن ۾ برابري وارا حق هجن، وسيلن تي اختيار هجي، نوڪرين ۾ پورو حق ملي، صحت، تعليم ۽ بنيادي سهولتون ملن. افسوس آهي جو اسان وٽ بنيادي حق صرف امير طبقي جا مڃيا وڃن ٿا. غربت ۽ بدحالي پورھيت عوام جو مقدر بنايو ويو آھي. اياز لطيف پليجي چيو ته حڪمران ملڪ کي تباھي ۽ بربادي جي رستي تي وٺي پيا وڃن. حڪمرانن جون معاشي پاليسيون عوام دشمن آھن. ڪرپشن سڄي ملڪ کي نپوڙي ڇڏيو آھي. اياز لطيف پليجي چيو ته حڪمران طبقي، سرمائيدارن ۽ صنعتڪارن لاءِ بجلي مفت آھي. باقي ھڪ بلب ۽ پکو ھلائيندڙ کي لکين روپين جا بل موڪلي غريب عوام کي لٽيو پيو وڃي. صرف عام ماڻھن لاءِ  بجلي مھانگي ڪئي وئي آھي. بجلي فراھم ڪندڙ ڪمپنين ۾ ويٺل مافيا ھٿرادو بجلي چوري ڪرائي ٿي. ڪرپٽ آفيسر ۽ عملو شادي حالن، فيڪٽرين ۽ طاقتور ماڻھن کي چوري بجلي وڪڻن ٿا ۽ پوء غريب ماڻھن ۽ قانوني طور بجلي استعمال ڪندڙن ڏانھن ڳرا بل اماڻيا وڃن. اياز لطيف پليجي چيو آهي ته سنڌ ڌاڙيل راڄ، غربت، بدامني، ڪرپشن ۽ بيروزگاري جي گھيري ۾ آھي. سنڌ حڪومت امن امان ۽ ڪوڙن مقابلن کي روڪڻ لاءِ ڌاڙيلن لاءِ عام معافي جو اعلان ڪري تہ جيئن ڏوھن ۾ ملوث ماڻھو پوليس وٽ پيش ٿين.  قبائلي جھيڙن، طاقت جي زور تي انتقام، قانون جي حڪمراني نه ھجڻ ڪري ڏوھه ٿين ٿا. سنڌ حڪومت جي ايجنڊا تي امن ناھي. حڪمران چاھين ته امن بحال ٿي سگھي ٿو.جلسي کي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر ، سنڌي ھاري تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر ڪامريڊ ڪرڙ ريٻاري ، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون ، گرلس اسٽوڊنٽس تحريڪ جي مرڪزي صدر رفيعا پليجو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

Ayazlatifpalijo qaumiawamitehreek Sindhissue

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.