ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي درخشان ٿاڻي ۾ پوليس حراست ۾ جوابدار معيز جي پوليس تشدد ۾ فوت ٿيڻ تي ايس ايڇ او ۽ هيڊ محرر خلاف داخل ايف آءِ آر جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.پوليس اھلڪاين گرفتار ٿيل ايس ايڇ او علي رضا لغاري ۽ هيڊ محرر مفصل احمد لغاري جا بيان قلمبند ڪيا ويا، جاچ ذريعن موجب ايس پي نيئر 14 ۽ 15 جي وچ واري رات تي حراست ۾ ورتل جوابدار معيز کي پوليس ٿاڻي مان ٻاهر ڪڍيو هو. ۽ ڊيوٽي آفيسر کي ملزم کي ٻاھر وٺي وڃڻ جي لاءِ روزنامچي ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو ته جوابدار کي ٻاهر وٺي وڃي. جاچ اختيارين ايس پي نيئر سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر سندس موبائل فون بند اچي رهيو آهي. واضح رهي ته 15 اپريل تي ڪراچي جي درخشاں ٿاڻي ۾ پوليس جي حراست ۾ جوابدار معيز جي فوت ٿيڻ جو واقعو پيش آيو هو. ڪراچي پوليس چيف جي جاچ ۾ اڳوڻو ايس پي نيئرالحق قتل ۾ سڌو سنئون ملوث هو، قتل جو ڪيس داخل ٿيڻ کان پوءِ ايس پي نيئرالحق مفرور هو. جنهن بعد اڳوڻي ايس پي ڪلفٽن نيئرالحق اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان 14 ڏينهن جي عبوري ضمانت حاصل ڪري ورتي ۽ سنڌ پوليس کي به آگاهه ڪيو. ڀڄڻ کان پوءِ، هو اوچتو گذريل مهيني ڪلفٽن ۾ ٻيهر نظر آيو.