گورنر سنڌ پاران ماڙي پور حادثي تي ڏک جو اظهار،رپورٽ طلب

ڪراچي ( رپورٽر)  سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري ڪراچي جي علائقي ماڙي پور ۾ بس حادثي ۾ فوت ٿي ويلن ۽ ڪيترن ئي ماڻهن جي  زخمي ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي، گورنر سنڌ مرحومين جي مغفرت، درجات جي بلندي ۽ پونئرن لاءِ صبر جي دعا ڪئي، گورنر سنڌ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي، سنڌ جي گورنر بس حادثي بابت ڪمشنر ڪراچي ۽ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي پوليس کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي،گورنر سنڌ لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته زخمين کي هر ممڪن طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.