ڪراچي )رپورٽر( لياري بچايو تحريڪ طرفان ڪي اليڪٽرڪ جي ظلم خلاف لياري کان ڪراچي پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاهري ڪيو ويو، احتجاجي مظاهري ۾ شريڪ لياري واسين جو ھٿن ۾ بينر کڻي ڪي اليڪٽرڪ خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي، احتجاجي مظاهري ۾ سول سوسائٽي، مختلف سياسي سماجي جماعتن جي ماڻھن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي جي اڳواڻي ڪندڙ ايڌي فائونڊيشن جي فيصل ايڌي، ايم پي اي لياري سجاد سومرو، نسيم خالد، شبانه، در بيبي، ياسر بلوچ ۽ ٻين احتجاجي مظاهري ۾ شريڪ ماڻھن کي خطاب ڪندي چيوته لياري ڪي اليڪٽرڪ جو ظلم وڌندو پيو وڃي، ڪي اليڪٽرڪ طرفان لياري ۾ 18 کان 20 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪري رھي آھي. ھنن وڌيڪ چيوته لياري جا ماڻھو ڪي اليڪٽرڪ جي لياري ۾ لوڊشيڊنگ سبب بيمارين ۾ مبتلا ٿي رھيا آھن، لياري جا ماڻھو ذھني طور پريشانين کي منھن ڏئي رھيا آھن، ھن ايتري گرميءَ ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي لوڊشيڊنگ سبب ڪيترائي ماڻھو فوت ٿي رھيا آھن. احتجاج مظاهرو ڪندڙن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڪي اليڪٽرڪ جي لياري واسين سان ڪيل ظلم جو حساب ورتو وڃي ۽ لياري ۾ بجلي مڪمل 24 ڪلاڪ بجلي ڏني وڃي جيئن لياري واسي ھن گرميءَ ۾ سڪون سان زندگي گذاري سگھن.