اسيمبلين ۾ ڪوڙ ڳالهائجي ٿو، وڏي انگ ۾ ميمبر چونڊجڻ بدران آندا وڃن ٿا: شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد (م ڊ): اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته اسيمبلين ۾ نسورو ڪوڙ ڳالهايو ويندو آهي، ميمبرن جو وڏو انگ چونڊجي اسيمبلين ۾ نه ايندو آهي، کين آندو ويندو آهي. بدقسمتي سان اسان جمهوريت کي قبول نه ڪيو، نه پاڻ کي الزام ڏيڻ گهرجي ۽ نه ئي اداري يا آئين کي. اسلام آباد ۾ جمهوريت جي عالمي ڏهاڙي جي موضوع تي سيمينار کي خطاب ڪندي شاهد خاقان عباسي چيو ته پارلياماني نظام ذريعي ئي پاڪستان هلي سگهي ٿو، موجوده نظام کي درست ڪرڻ لاءِ پارلياماني ڪميٽيون تمام گهڻيون پوئتي هلي رهيون آهن، سڀني کي خبر آهي ته قانون سازي ڪيئن ٿي رهي آهي، قانون عدالت ۾ نه ٿا جٽاءُ ڪري سگهن، ماڻهن جمهوريت کي مذاق طور وٺڻ شروع ڪيو آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت ٽن وزارتن تائين محدود ٿي وئي آهي، هاڻي وزارت ڪامورا هلائيندا آهن. هن چيو ته گذريل اسيمبليءَ کان پارليامنٽ ۾ ڳالهائڻ جو حق به کسي ويو آهي. ملڪ ۾ وزيرن جي ڪا به اختيار ناهي.  اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته پارليامنٽ چونڊجي ايندي ته صحيح ڪم ڪندي، جنهن کي ووٽ ملي اهو ئي چونڊجي اچي. هن چيو ته پاڪستان ۾ جمهوريت جو مستقبل تمام روشن آهي، سڌارا تڏهن ايندا جڏهن سياستدانن ۽ عوام وٽ اٿارٽي هوندي، ان سان ئي بهتري ايندي. اڳوڻي وفاقي وزير دانيال عزيز چيو آهي ته هاڻي ڪرپشن اسان وٽ نظام بڻجي چڪي آهي، اسان جي پارليامنٽ ۾ ڪميٽي جو نظام تمام ڪمزور آهي. قومي اسيمبلي جي ميمبر زين قريشي چيو ته ملڪ ۾ جمهوريت وينٽي ليٽر تي آهي، جمهوريت ۾ نئين زندگي ڦوڪڻ جي ضرورت آهي، ملڪ ۾ اڃا جمهوريت جو ڏهاڙو ملهائڻ جو موقعو ناهي. هن چيو ته اسٽينڊنگ ڪميٽي جو ڪردار مانيٽرنگ جو هوندو آهي، وزير کي انتظامي فيصلا ڪرڻ جو اختيار هجڻ گهرجي. نظام کي هلڻ ڏنو وڃي ته  ٺيڪ ٿي ويندو. هن چيو ته پارلياماني روايتون ختم ٿي رهيون آهن، قانون سازي کي سمجهڻو پوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.