ڪراچي ۾ پريا ڪماري جي بازيابي ۽ شهيد نصرالله جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ريلي

ڪراچي (رپورٽر) پريا ڪماري بازيابي ڪميٽي طرفان معصوم نياڻي پريا ڪماري بازيابي ۽ عوامي آواز جي رپورٽر شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي اصل قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي  مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو، احتجاجي مظاهري ۾ شريڪ ماڻھن طرفان پريا ڪماري جون تصويرون ھٿن ۾ کڻي سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي احتجاج مظاهري کي لياقت جلباڻي، پنڊت شام لعل، امجد دراني، پروفيسر امير گل ڪٽوهر، قاضي امداد، سھڻي پارس، آفاق ڀٽي، سنديا سومرو،  خطاب ڪندي چيوته ڪجھه ڏينهن اڳ ڪجھه غلط ماڻھڻ طرفان سوشل ميڊيا تي پريا ڪماري جي آزاديءَ جون ڪوڙيون خبرون هلايون ويون، جيڪي بي بنياد ۽ ڪوڙيون آھن، پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ احتجاج ۽ تحريڪ هلائيندڙن کي گمراھ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جيستائين پريا ڪماري جي امڙ ۽ والد جيستائين پاڻ اچي چون پريا ڪماري آزاد ٿي وئي آهي تيستائين ڪوبه باشعور ماڻهوءَ انھن غلط خبرن تي يقين نه ڪيو وڃي اسان جي ھي تحريڪ پريا ڪماري جي آزاديءَ تائين جاري رهندي. ھنن وڌيڪ چيو ته پريا ڪماري جي جوڙيل جي آئي ٽي صرف ڪوڙ مٿان ڪوڙ ڳالهائي رھي آھي صرف دلاسا ڏيندي رھي ٿي، پريا ڪماري ھندو نياڻي ناھي پريا ڪماري سنڌ جي نياڻي آھي جنھن لاءِ سڄي سنڌ کي ٻاھر نڪرڻ گھرجي، پريا ڪماري محرم الحرام جي مهيني ۾ سبيل ھلائي رھي جنھن اغوا ڪيو ويو. ھنن  چيوته شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي اصل قاتلن کي گرفتار ڪري سنڌ سان انصاف ڪيو  وڃي ۽ شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي وارثن کي هراسان ڪرڻ بند ڪيو وڃي ۽ شھيد نصرالله گڏاڻي جي وارثن کي تحفظ ڏنو وڃي. احتجاج مظاهري ۾ سول سوسائٽي، شاعرن اديبن، صحافين، وڪيلن شرڪت ڪئي. ھنن مطالبو ڪيو ته جلد کان جلد معصوم نياڻي پريا ڪماري کي آزاد ڪرايو وڃي ۽ شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قتل ۾ ملوث مک جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت کان سخت سزا ڏني وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.