غوثپور مان ڪنڌڪوٽ ويندي اغوا ٿي ويل 3 ڄڻا بازياب نه ٿيا ، شهر ۾ هڙتال، ريلي

غوثپور/ڪنڌڪوٽ ( نمائندن وٽان ) غوثپور مان ڪنڌڪوٽ ويندي اغوا ٿي ويل 3 ڄڻا بازياب نه ٿيا ،  سندن بازيابي لاءِ غوثپور ۽ ڪنڌڪوٽ ۾ ٻئي ڏينهن به شٽربند هڙتال ڪري ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، غوثپور 3ڏينھن اڳ  شھر کان ڪنڌڪوٽ ويندي قمبراڻي لاڙو ڀرسان اغوا ٿيل ٽن ھندو نوجوانن سنجي ڪمار،نتيش گيھاڻي ۽ نتيش ڪمار جي اغوا ۽ شھر ۾ وڌنڌڙ بدامني جي ڪارواين تي ضابطو نه اچڻ  واري عمل خلاف ھندو پئنچايت ،  جي يو آءِ ،  سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ۽ شھر جي سول سوسائٽي جي  سڏ تي شھر ۾ ٻئي ڏينھن به مڪمل شٽر بند ھڙتال ڪري ڪاروبار بند رکيو ويو، شٽر بند ھڙتال سبب شھر جا مک ڪاروباري مرڪز ٻئي ڏينھن به بند رھيا، ٻئي پاسي شھر جي ھندو پئنچايت، سول سوسائٽي ۽ سياسي سماجي ڌرين طرفان  ٻئي ڏينھن به مندر چوڪ کان شھر جي مين بس اڏي تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو ھنيو ويو،  ريلي جي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسانجي جدوجھد مغوين جي بازيابي تائين جاري رھندي،  اسان جي ضلعي کي مڪمل ڏوھارين ۽ ڌاڙيلن جي حوالي ڪيو ويو آھي،  پورو ضلعو لاوارث حالت ۾ آھي،  چونڊيل ميمبرن جو بدامني کي روڪرائڻ ۾ ڪوبه ڪردار سامھون نظر نه آيو آھي جنھن ڪري اسان سخت مايوس آھيون۔ اڳواڻن آ۽ جي سنڌ ۽ ڊي آ۽ جي لاڙڪاڻي کان مطالبو ڪيو ته ٽن ڏينھن اندر اسانجي مغوي نوجوانن کي بازياب نه ڪرايو ويو ته احتجاج جو دائرو وڌائيندي مئن انڊس ھاءِ  وي بلاڪ ڪري ڇڏينداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.