اها ڳالهه ته سچ آهي پر رسوائي واري آھي ، عمران خان آمريڪا تي سندس حڪومت خلاف سازش جو الزام هنيو هو ۽ ان ئي آمريڪا جي ايوان عمران خان جي موقف جي حق ۾ ٺهراءُ پاس ڪري ورتو. 25 جون 2024ع تي آمريڪي نمائندن جي ايوان گان ۾ قرارداد نمبر 901 پيش ڪئي وئي. جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو ته پاڪستان ۾ 8 فيبروري 2024ع تي ٿيندڙ چونڊن ۾ مداخلت ۽ بي ضابطگين جي آزاداڻي جاچ ڪرائي وڃي. قرارداد جي حق ۾ 368 ۽ مخالفت ۾ رڳو 7 ووٽ پيا. ڇا ان قرارداد جي منظوري پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي ناڪامي آهي؟ ان قرارداد جي نقادن جو چوڻ آهي ته هي اهو ئي آمريڪي نمائندن جو ايوان آهي، جنهن تازو ئي اسرائيل کي هٿيار فراهم ڪرڻ جي حق ۾ ھڪ ٺهراءُ پاس ڪيو هو ۽ جڏهن انصاف جي عالمي عدالت غزه، تي وحشياڻي بمباري ڪرڻ تي اسرائيلي وزيراعظم جي گرفتاري جو وارنٽ جاري ڪيو هو آمريڪي نمائندن جي ايوان انصاف جي عالمي عدالت تي پابندي لڳائڻ جو ٺھراءَ منظوري ڪيو آهي. ان ئي آمريڪي نمائندن جي ايوان پاران قرارداد جي منظوري کي پاڪستان ۾ چونڊن جي تحقيقات جي حق ۾ٺھراءَ جي منظوري کي ڪنهن سازشي مفروضي سان ڳنڍڻ تمام آسان آهي.پر انهن چونڊن ۾ ٿيل بي ضابطگين جي جاچ جو مطالبو نه رڳو يورپي يونين ۽ برطانيا کان اچي چڪو آهي بلڪھ پاڪستان جي انساني حقن واري ڪميشن کان سواءِ پاڪستاني تنظيمن فافن ۽ پلڊاٽ به 8 فيبروري جي چونڊن ۾ بي ضابطگين جي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي.
ھي پھلوءَ بھ نظرانداز نٿو ڪري سگھجي تھ ڊگھي عرصي کان يورپي يونين جو اليڪشن آبزرور گروپ 8 فيبروري جي چونڊن جي نگراني ڪرڻ لاءِ نه آيو آهي، ان ڪري 2024ع جي چونڊن کي عالمي مبصرن پاران شڪ جي نظر سان ڏٺو پيو وڃي شھباز شريف حڪومت پاڪستان کي ڊفالٽ کان تھ بچائي ورتو، پر 2024ع جي چونڊن بابت شڪ سندس سياسي ساک تي سوال اٿاري ڇڏيا آهن ۽ اهو ئي سبب آهي ته آءِ ايم ايف سميت ٻيا عالمي مالياتي ادارا مٿس ڀروسو ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. سڀئي ڄاڻن ٿا جڏھن مارچ 2022 ۾ عمران خان جي حڪومت خلاف بي اعتمادي واري رٿ آندي وئي ھئي تھ خانصاحب الزام لڳايو ته اها بي اعتمادي واري رٿ دراصل هڪ آمريڪي سازش آهي، پوءِ خان صاحب آمريڪا خلاف سازش جو الزام واپس وٺي ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته کيس معلوم ٿي ويو ته سندس ڪجهه دوست ۽ حامين جي
آمريڪي نمائندن جي ايوان ڄاڻ سڃاڻ جي نتيجي ۾ خان صاحب جي خوشبوءِ جيان پذيرائي ٿيڻ واري آھي. حڪومت پاڪستان ان مڃتا کي روڪڻ لاءِ ڪافي دٻاءُ وڌو، پر آمريڪي نمائندن جي ايوان ۾ پاڪستان جي حڪومت ھارائجي وئي ۽ اپوزيشن کٽي وئي.آمريڪي حڪومت جي پاليسين سان توهان ڪيترا به اختلاف ڪريو پر پاڪستان جي چونڊن جي حوالي سان آمريڪي ايوانِ نمائندگان جي قرارداد جي اهميت کان انڪار ڪرڻ ناممڪن آهي، جيستائين ان ٺھراءَ جي روشنيءَ ۾ 2024ع جي چونڊن ۾ ٿيل بي ضابطگين جي جاچ نه ٿيندي،تيستائين پاڪستان تي دٻاءُ برقرار رهندو ۽ اھو دٻاءَ عالمي مالياتي ادارن ذريعي برقرار رکيو ويندو. سوال ھي آھي تھ ان دٻاءُ مان ڪئين نڪري سگھجي ٿو ؟
اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ان دٻاءَ مان نڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي رياست جي ڪا مدد نٿي ڪري سگھي ٿي،رياست جي مدد صرف سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ڪري سگهي ٿي، سپريم ڪورٽ ۾ اھڙيون درخواستون داخل ڪيون ويون آهن جن ۾ 2024 جي چونڊن ۾ ٿيندڙ بي ضابطگي ۽ ڌانڌلين جي جاچ جو مطالبو ڪيو ويو آھي.
سپريم ڪورٽ انھن درخواستن تي ٻڌڻي شروع ڪندي تھ مسيحائي جي دعويٰ ڪندڙ گھڻا ئي ڦرڻا گھرڻا اگھاڙا ٿي ويندا.مسلم ليگ (ن) چوندي ته جيڪڏهن تحقيقات ڪرڻي آهي ته 2018ع کان شروع ڪريو، ڳالھھ نڪرندي تھ پري پري تائين ويندي. پوءِ اها ڳالهه به ٿيندي ته جنرل قمر جاويد باجوا ۽ عمران خان ۾ اختلافن جو بنياد ڪهڙو هو؟ جنرل باجوا ۽ جنرل فيض حميد ھندستاني حڪومت سان بيڪ ڊور چينل کولي رکيو ھو ان جي ڪري تحريڪ انصاف جي حڪومت جي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشيءَ جا ڪهڙا تحفظات هئا ؟ ڪجهه عرب ملڪن جي سربراهن پاڪستان ۽ اسرائيل جي دوستي ۾ دلچسپي ڇو وٺي رھيا ھئا ۽ ان سلسلي ۾ جنرل باجوا جو ڪھڙو ڪردار هو، ڇا عمران خان جنرل فيض حميد سان گڏ باجوا مان جند ڇڏائڻ جو فيصلو ڪري ورتو ھو ؟ ڇا باجوا مسلم ليگ ن ۽ پيپلزپارٽي سان گڏجي ڪري عمران خان خلاف سازش ڪئي ھئي ؟ڇا عمران خان دٻاءَ ۾ اچي جنرل باجوا کي هڪ ڀيرو ٻيهر واڌ جي آڇ ڪري ڇڏي؟ ڇا ھڪ ٻي ايڪسٽينشن جي آڇ ڪرڻ بعد باجوا بي اعتمادي واري رٿ واپس ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ؟ عمران خان قومي اسيمبلي ۾ بي اعتمادي جي رٿ جي مقابلي ڪرڻ جي بجاءَ ان وقت جي صدر عارف علوي سان گڏجي قومي اسيمبلي ڇو ٽوڙي ڇڏي ؟ ان سڄي قصي ۾ سپريم ڪورٽ جو ڪردار تي به بحث ھيٺ ايندو، جنهن قومي اسيمبلي کي بحال ڪري ڇڏيو.
جڏھن بي اعتمادي واري رٿ جي نتيجي ۾ شهباز شريف وزيراعظم بڻجي ويو ته تحريڪ انصاف پهرين قومي اسيمبليءَ مان استعيفيٰ ڏني ۽ پوءِ آئين موجب ٻن صوبن جون اسيمبليون ٽوڙي ڇڏيون آئين موجب انھن ٻنھي صوبن ۾ ٽن مهينن اندر چونڊون ٿيڻيون ھيون.ٽن مھينن ۾ اھي چونڊون ڇو نھ ٿيون ؟ آگسٽ 2023 ۾ قومي اسمبلي جو مدو ختم ٿي ويون، اليڪشن نومبر 2023 تائين ٿيڻي ھئي.پر بروقت چونڊون ڇو نه ٿيون؟ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي آئين ڇو ياد نھ آيو؟ عمران خان سان سندس ڪاوڙ جي سڀني کي خبر هئي، هو عمران خان خلاف ڪيسن جي ٻڌڻي ڇو ڪندو رهيو؟
2024 جي چونڊن ۾ بي قاعدگين جي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ٻڌڻي شروع ٿي ته پوءِ اهو سوال به اهم هوندو ته جيڪڏهن فيصلو تحريڪ انصاف جي حق ۾ اچي ٿو ته پوءِ ملڪي معاملا ڪيئن هلندا؟ اھي معاملا عمران خان سنڀاليندو يا جنرل فيض حميد ھلائيندو، جيڪو اڃا تائين بھ پوئتي ويٺي تحريڪ انصاف کي پنهنجي مرضي مطابق هلائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي؟ نومبر 2022ع ۾ جنرل فيض حميد مسلم ليگ (ن) جي ھڪ اڳواڻ جي ذريعي شهباز شريف سان ملڻ جي تمام گهڻي ڪوشش ڪئي ته جيئن جنرل عاصم منير آرمي چيف نه بڻجي سگهي،اھي ڪوششون ڪامياب نھ ٿيون تھ فيض صاحب تحريڪ انصاف جي فيصلن تي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪندو رھيو.عمران خان جيڪڏهن آزاد عدليه ۽ آزاد ميڊيا جو حامي آهي ته پوءِ ھن کي جنرل فيض مان جان ڇڏائڻي پوندي.ڇاڪاڻ تھ جنرل فيض عدليه ۽ ميڊيا سان اھو ئي ڪيو آھي جيڪو اڄ ٿي رھيو آھي. 2024ع جي چونڊن ۾ بي ضابطگين جي جاچ ضرور ٿيڻ گهرجي پر ان جو فائدو پاڪستان ۾ جمهوريت ۽ آئين کي ٿيڻ گهرجي ڪنھن اهڙي شخص کي نھ جيڪو عمران خان کي پاڪستان ۾ صدارتي نظام لاڳو ڪرڻ جا مشورا ڏئي رهيو هو.