اسلام آباد (م ڊ) چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته اسلام عورتن کي ڪيترائي حق ڏنا آهن پر غيرت جي نالي تي قتل جو اصطلاح غلط استعمال ڪيو ويندو آهي. اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي چيف جسٽس چيو ته اسان وٽ عورتن کي مسمات سڏيو ويندو آهي، اسان پنهنجو مثبت ڪلچر وساري ويٺا آهيون، مان پاڪستان جي آئين مان ڪجهه هاڪاري شيون ٻڌائڻ چاهيان ٿو. هن چيو ته آئين جي آرٽيڪل 25 کي ڏسندي عورتن لاءِ قدم کڻڻ گهرجن، مرد به شڪايتون ڪري رهيا آهن ته عورتن لاءِ ڪوٽا سسٽم هوندو آهي، قرآن پاڪ جو پهريون لفظ اقرا آهن، جيڪو مرد عورت ۾ فرق نٿو ڪري، آئين جو آرٽيڪل 25 به برابر ورتاءَ جي ڳالهه ڪري ٿو. سندس چوڻ هو ته غيرت جي نالي تي قتل جو اصطلاح غلط استعمال ڪيو ويندو آهي، اصل معنيٰ تڪبر جي بنياد تي قتل آهي ۽ اسلام ۾ تڪبر سخت منع آهي. چيف جسٽس چيو آئين ۾ لکيل آهي ته عورتن جي نمائندگي هر شعبي ۾ ٿيندي، قومي اسيمبلي ۾ رڳو مخصوص سيٽن ذريعي ئي عورتون ناهن اينديون، عورتون اليڪشن کٽي به پارليامينٽ ميمبر چونڊبيون آهن. قاضي فائز عيسيٰ چيو ته اسلام ۾ عورتن جي ڪردار ڪشي سزا جوڳو ڏوهه آهي، اسلام ۾ زنا ثابت ڪرڻ لاءِ 4 شاهدن جو شرط لازمي آهي، چار شاهدن جو شرط پورو ڪرڻ بنا عورت کي غيرت جي نالي تي قتل ڪيو ويندو آهي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته شاهدي ايڪٽ جي آرٽيڪل 122 تحت ثبوت جو سمورو بار پراسيڪيوشن تي آهي. اسلام ۾ عورتن سان زيادتي ڪرڻ قابل سزا جرم آهي، اسلام ۾ زنا جي سزا 80 ڪوڙا آهن، اڄ تائين مون نه ٻڌو آهي ته ڪنهن کي زنا جي الزام ۾ ڪوڙا لڳا هجن، اسلام ۾ زنا ثابت ڪرڻ لاءِ چار شاهد گهربل آهن، چار شاهد. شرط پورا ڪرڻ کانسواءِ عورت کي غيرت جي نالي تي قتل ڪيو ويندو آهي.