غوثپور (رپورٽ: عبدالجبار اوڳاهي) غوثپور 2 ڏينھن اڳ شھر کان ڪنڌڪوٽ ويندي انڊس ھاءِ وي تان اغوا ٿيل 3 ھندو نوجوانن نتيش ڪمار گيھاڻي، سنجئي ڪمار ۽ نتيش ڪمار جي بازيابي نه ٿي سگهيا، غوثپور ۾ شٽربند ھڙتال ڪري ڪاربار مڪمل طور بند ڪري ڇڏيو، مغوين جي لاءِ ھندو پئنچايت، جي يو آءِ، ايس يو پي ۽ سياسي سماجي ڌرين جو سيد يعقوب علي شاهه، سيد بشير احمد شاھه، فيض الرحمان شاھه، سيد سليم شاھه، ثناءُ الله اوڳاھي، جمال الدين اوڳاهي، صفي الله لاشاري، عبدالجبار اوڳاهي، پرويز سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي شھر جي مندر چوڪ کان مين بس اڏي کان ٿيندي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڪشمور ضلعي جي پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي سيد بشير احمد شاھه، فيض الرحمان شاھه، محمد يعقوب علي شاھه ۽ ٻين اڳواڻن ميڊيا اڳيان ڳالھائيندي چيو ته 2 ڏينهن هٿيار بند مين انڊس هاءِ وي تي ڪاھه ڪري ڏينهن ڏٺي جو اسان جي 3 نوجوانن کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي ڪار سميت اغوا ڪري ويا پر هن وقت تائين پوليس مغوين جي بازيابي لاءِ ڪي به جوڳاءَ اپاءَ ناهن ورتا جيڪا هندو برادري سان سراسر نا انصافي آهي، مظاهرين جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪشمور ضلعي جي پوليس جيستائين اسان جي ٽنھي مغوين هندو واپارين کي بازياب نه ڪرائيندي تيستائين اسان پنهنجا ڪاروباري مرڪز بند رکندي پنهنجي مغوين جي بازيابي لاءِ مسلسل احتجاج رڪارڊ ڪرائيندا رهندا سين.