دوحا ( م ڊ ) خواجا آصف جو افغانستان ۾ شدت پسندن جي ٺڪاڻن خلاف ڪارروايون جاري رکڻ جي بيان بعد افغان طالبان جو ردعمل سامهون اچي ويو آهي، افغانستان چيو آهي ته سرحد پار حملي جي صورت ۾ نتيجي جي ذميواري پاڪستان تي پوندي.افغان بچاءَ واري وزير خواجا آصف جي بيان تي ردعمل ڏيندي سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته جيڪو به ڪنهن جواز تحت اسان جي سرحد جي ڀڃڪڙي ڪندو ته نتيجن جو ذميوار هوندو. افغان بچاءَ واري وزارت جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان جي قيادت لاءِ ضروري آهي ته هو ڪنهن کي به حساس معاملن تي نازيبا بيان جاري ڪرڻ جي اجازت نه ڏين. اهو افغانستان جو اصولي موقف آهي ته هو پنهنجي سرزمين کي ڪنهن ٻئي ملڪ خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏي.
-
ڪراچي ۾ 2021 دوران پکڙيل بيماري زيڪا وائرس هجڻ جو انڪشاف
ڪراچي ( رپورٽر) ڪراچي ۾ 2021ع ۾ پکڙجندڙ وائرل بيماري جو راز حل ٿي ويو آهي، هڪ خانگي يونيورسٽي جي محققن ڪراچي ۾ ”زيڪا وائرس“ جي موجودگي جو انڪشاف ڪيو آهي.2021ع ۾ هڪ انگريزي اخبار ڪراچي ۾ ڊينگي جي پکيڙ جو انڪشاف ڪيوهو، محققن موجب ڪراچي ۾ 2021 ۽ 2022 ۾ زيڪا وائرس جا ٻه ڪيس سامهون آيا. يونيورسٽي آف واشنگٽن جي ليبارٽري پاران پڻ زيڪا وائرس جي موجودگي جي تصديق ڪئي وئي.محققن موجب زيڪا وائرس مڇرن ۾ ملي ٿو جيڪو ڊينگي ۽ چڪن گونيا کي ڦهلائي ٿو.2021 ۾، ڊينگي جهڙين علامتن واري بيماري ڪراچي ۾ سوين ماڻهن کي متاثر ڪيو. ماهرن جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ ڊينگي ۽ چڪن گونيا ۽ ان جهڙيون موذي مرض اڃا به پکڙجي رهيون آهي، ڪراچي ۾ هلندڙ سال ڊينگي سبب 10 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن. ٻئي طرف نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ اسلام آباد موجب پاڪستان ۾ ڪنهن به اداري زيڪا وائرس جي موجودگي جي خبر ناهي ڏني.