نئين ڳوٺ ويجهو سڱاوتي تڪرار تان هڪ ڄڻو مارجي ويو

نئون ڳوٺ (رپورٽ: شمشاد علي)نئون ڳوٺ لڳ ڳوٺ ڊاڀي ۾ سڱاوتي تڪرار سبب مگسي ۽ ناريجا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جھيڙوٿي پيو، گوليون لڳڻ جي نتيجي ۾  هڪ ڄڻو غلام شبير ملاح ٿڏي تي مارجي ويو، جڏهن ته عبدالحڪيم  ناريجو، محراب ملاح زخمي ٿي پيا، جن کي شاھه پنجو پوليس ليٽر ڏئي تعلقي اسپتال ميھڙ موڪلي ڇڏيو. هوڏانهن ايس ايڇ او شاھه پنجو اقبال احمد ڪانڌڙي ٻڌايو ته عبدالحڪيم ناريجو جي ڌي کي ھڪ سال اڳ عامر مگسي کڻي وڃي ڪورٽ ۾ پسند پرڻو ڪيو ھو جنهن تان جھيڙو ٿيو آھي، جھيڙي جي خدشي سبب ٽن ٿاڻن نئون ڳوٺ ڀنڊ ماڙي ٿاڻن جي پوليس کي به گھرايو آھي جيئن امن امان تي ڪنٽرول ڪري سگھجي ۽ معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪيون پيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.