ميرپورماٿيلو (رپورٽ: پريم راٺوڙ) ميرپورماٿيلو ۾ عوامي ورڪرز پارٽي پاران ميرپورماٿيلي جي شهيد ارڏي صحافي نصرالله گڏاڻي کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ، جاگيرداري ۽ سرمائيداري نظام خلاف گھنٽا گھر چوڪ ميرپور ماٿيلو سامھون شاندار جلسو ڪوٺايو، عوامي ورڪرز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻن ڪامريڊ بخشل ٿلھو، ڪامريڊ ضياءَ ڀٽي، جنرل سيڪريٽري سنڌ ڪامريڊ سينگار نوناري، ناري جمھوري محاذ جي وفاقي صدر ڪامريڊ عاليه بخشل، ڪامريڊ جئه ڪمار، فقير رمضان ڪلوڙ، شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي امڙ مسمات پٺاڻي، ڀاءُ يعقوب گڏاڻي سميت ٻين شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي کي ڀيٽا پيش ڪئي. ان موقعي تي پنڊال ، ڀوتار مائي فوٽ جي نعرن سان گونجندو رهيو، جلسي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي کي حق سچ لکڻ ۽ ڳالھائڻ جي ڏوھه ۾ بااثر طاقت ور ڌرين پاران شھيد ڪرايو ويو آهي پر اسان شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي ڀوتار مائي فوٽ جي ڇڏيل نعري ۽ مشن کي اڳتي کڻي ھلنداسون، ھنن چيو ته شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي جو قتل سنڌ جي شعور جو قتل آھي جنھن ھميشه مظلوم عوام جي مدد لاءِ آواز اٿاري ظالمن کي للڪاريو جنھن جو آواز دٻائڻ لاءِ طاقت ور ڌرين پاران شھيد ڪرايو ويو ھنن چيو ته شھيد صحافي جي قاتلن سھولتڪارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ تائين اسان سک جو ساھ نه کڻندا سين.