حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد جي ڊي ايڇ او پاران ڀٽائي اسپتال جي گيٽ تان لطيف سرڪار جو مجسمو لاهڻ واري معاملي جو نوٽيس وٺندي سڀاڻي سومر جي ڏينهن تي مجسمو لڳائڻ جو اعلان ڪيو آهي. حيدرآباد جي تعلقي لطيف آباد ۾ شاھه عبداللطيف ڀٽائي جي نالي سان منسوب ڀٽائي اسپتال مان نئين ايم ايس ڀٽائي جو مجسمو هٽرائي ڇڏيو آھي. جنهن تي سنڌ جي علمي ادبي ماڻهن ۾ ڳڻتي جي ڇانيل آهي، اهڙي صورتحال کانپوءِ ڊي ايڇ او حيدرآباد ڊاڪٽر لالا جعفر پاران معاملي جو نوٽيس وٺندي سڀاڻي سومر لطيف سرڪار جو مجسمو لڳائڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڊي ايڇ او ڊاڪٽر لالا جعفر جو چوڻ آهي ته موجوده ايم ايس ڪنهن ٻئي بهتر جاءِ تي مجسمو لڳائڻ جي لاءِ مجسمو لاهرايو هو، جيڪو هن وقت به موجود آهي. هن چيو ته سڀاڻي سومر تي هر صورت ۾ ڀٽائي اسپتال اندر مجسمو لڳايو ويندو. واضح رهي ته اڳوڻي ايم ايس ڊاڪٽر دليپ ڪمار پنھنجي ذاتي خرچ تي آرٽسٽ کان ھڪ مجسمو ۽ تنبورو ٺھرائي اسپتال اڳيان لڳرايو ھو، جنھن جو افتتاح 13 ڊسمبر 2023ع تي حيدرآباد جي ميئر ڪاشف شورو ڪيو ھو. ڊاڪٽر دليپ ڪمار اسپتال ۾ ھڪ مسجد پڻ تعمير ڪرائي. هوڏانهن قومي عوامي تحريڪ جي سينيئر ڊپٽي جنرل سيڪريٽري الطاف خاصخيلي چيو آھي ته ڀٽائي اسپتال جو ايم ايس پريل جوکيو ذھني بيمار لڳي ٿو. ايم ايس جو ڪم اسپتال جي ڪارڪردگي کي بھتر بنائڻ آھي. شاھه عبداللطيف جو مجسمو ھٽائڻ واري حرڪت ناقابل برداشت آھي. فوري طور تي تنبوري سان گڏ مجسمو لڳايو وڃي.