عوام تي ڳرا ٽئڪس، ايم اين ايز جي مراعتن ۾ واڌ جي منظوري

اسلام آباد (م ڊ) : قومي اسيمبلي ۾ ميمبرن جي پگهارن ۽ الائونسز بابت ترميم اڪثريت راءِ سان منظور ڪئي وئي. پيپلز پارٽي جي اڳواڻ عبدالقادر پٽيل پارليامنٽ ميمبرن جي الائونسز ۾ واڌ جي ترميم جي تجويز پيش  ڪئي، اسيمبلي ميمبرن جو سفري الائونس 10 رپيا في ڪلوميٽر مان وڌائي 25 رپيا ڪيو ويو. ايم اين ايز جون هوائي ٽڪيٽون استعمال نه ٿيڻ جي صورت ۾ رد ٿيڻ بدران ايندڙ سال استعمال لائق هونديون. پي ٽي آءِ پ پ پاران پگهارن ۽ الائونسز بابت ترميم جي مخالفت ڪري ڇڏي. تحريڪ انصاف جي اڳواڻ علي محمد خان چيو آهي ته هو پگهارون وڌائڻ جي حق ۾ نه آهن، عوام تڪليف ۾ آهي، سندن ساٿ ڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.