اسلام آباد ( م ڊ ) سينيئر صحافي عمر چيما چيو آهي ته عدت ڪيس ۾ سزا معطل ٿيندي نظر نٿي اچي، جيڪڏهن ڄاڻايل ڪيس ۾ سزا جي مدت ٽي کان پنج سال هجي ها ته پوءِ ڪو نه ڪو رستو نڪري پئي سگهيو پر عدت ڪيس ۾ عمران خان کي ست سال سزا ۽ پنج لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي آهي، هن چيو ته ٻئي صورت اها هئي ته عدت ڪيس ۾ داخل ڪيل اپيل کي هڪ سال جو عرصو گذري چڪو هجي ها پر عمران خان جي درخواست کي چار مهينا کن مس ٿيا هوندا ۽ ست سالن جي سزا ۾ هُو ساڍا ٽي يا چار سال قيد ڪاٽي چڪو هجي ها ته تڏهن سندس آخري سزا ختم ٿي پئي سگهي. عمر چيما وڌيڪ اهو به چيو ته عمران خان ۽ بشريٰ بيبي جو ڪيس وڙهندڙ وڪيلن جي ٽيم سورنهن سورنهن وڪيلن تي ٻڌل آهي پر تنهن جي باوجود به اهي ڪيس ۾ ڪا ڪاميابي حاصل ڪري ناهن سگهيا،
ٻئي طرف خاور مانيڪا جو رڳو هڪ وڪيل آهي جيڪو پي ٽي آءِ جي وڪيلن جي ٽيم کي ٽف ٽائف ڏنيو پيو اچي. سينئر تجزئي نگار عمر چيما چيو ته عدت ڪيس بابت ايندڙ پندرنهن ڏينهن تمام گهڻ اهم آهن.