سنڌ ۽ وفاقي سرڪار وٽ ڪراچي ترجيح ۾شامل ناهي:علي خورشيدي

ڪراچي(رپورٽر) ايم ڪيوايم پاڪستان جي چونڊيل نمائندن جو  بجلي، پاڻي، گئس ۽ ٻين مسئلن جي حل لاءِ سنڌاسيمبلي جي ميڊياڪارنر تي احتجاج،  نعريبازي، مخالف ڌر اڳواڻ علي خورشيدي چيو آهي ته ڪراچي سميت پوري سنڌ جو آواز اٿاريون پيا، وفاق هجي يا سنڌ حڪومت مسئلا حل ڪرڻ۾ دلچپسي نه ٿي رکي، عوام ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي، اهڙو اظهارهن ڪالهه سنڌاسيمبلي جي ميڊيا ڪارنر تي ايم پي ايز سان گڏ بينر کڻي احتجاجي  پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو، ان موقعي تي چونڊيل نمائندن مسئلا حل ڪرڻ لاءِ نعريبازي به ڪئي، مخالف ڌر اڳواڻ علي خورشيدي وڌيڪ چيو ته سنڌ سرڪار ۽ وفاقي سرڪار وٽ ڪراچي ترجيح ۾ نه آهي، ڪراچي ۾ پاڻي، بجلي، گئس ۽ ٻيا مسئلا آهن، ڪي اليڪٽرڪ، حيسڪو،۽ سيپڪو   عوام سان ظلم ڪري ڇڏيو  آهي، ڪراچي کي پاڻي ڏيڻ لاءِ سنڌ سرڪار حب ڪئنال جو منصوبو 10 سالن ۾ به پورو نه ڪري سگهي آهي،  وڏي وزير ايوان ۾ تقرير ڪندي ناڪامي جو اعتراف ڪيو آهي،هن 65 ايم جي ڊي پاڻي منصوبي جو ايوان ۾ ڪو به جواب نه ڏنو، هن چيو ته ڪراچي ۾ غيرقانوني هائڊرنٽس آهن، گهرن مان غيرقانوني ڪنيڪشن ذريعي پاڻي  وڪروڪيو پيو وڃي، ان کانسواءِ زمينن تي قبضا ڪيا پيا وڃن شڪايتون ڪيون ٿا ته ازالو نه ٿو ڪيو  و ڃي، هن چيو ته سنڌ سرڪار بجلي ڏيندڙ ڪمپنين خلاف ڪارروائي ڪري ته ساٿ ڏينداسين.ايم ڪيو ايم جي صابر قائمخاني چيو ته  حيسڪو ۽ سيپڪو ظلم ڪيوآهي، صدر  جوتعلق به سنڌ سان آهي، هو ان معاملي کي حل ڪرائي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.