بوهرا روحاني پيشوا جي پاڪستان آمد منهنجي لاءِ اعزاز آهي: گورنر

ڪراچي (رپورٽر) گورنر ڪامران خان ٽيسوري سان دائودي بوهرا جماعت جي 3 رڪني وفد گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وفد ۾ علي اصغر جمالي، ڪميل يونس ۽ علي حسين ڪميل شامل هئا. ملاقات ۾ دائودي بوهرا جماعت جي معاشي، ڪاروباري سرگرمين ۽ ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفد دائودي بوهرا جماعت جي روحاني پيشوا سيدنا مفضل سيف الدين کي خط لکڻ تي گورنر سنڌ جو شڪريو ادا ڪيو. گورنر سنڌ کي دائودي بوهره جماعت جي روحاني پيشوا سيدنا مفضل سيف الدين پاران سنڌ جي گورنر کي موڪليل مبارڪباد جو خط ۽ تعريفي سرٽيفڪيٽ پڻ پيش ڪيو ويو.  گورنر سنڌ چيو ته بوهرا جماعت جي روحاني پيشوا جي پاڪستان آمد منهنجي لاءِ اعزاز آهي، سندس آمد تي پاڪستان کيس هر ممڪن سهولت فراهم ڪندو.  هن وڌيڪ چيو ته شهر ۾ 50 هزار کان وڌيڪ ماڻهن جي آمد سان معاشي سرگرمين ۾ اضافو ٿيندو. وفد سنڌ جي گورنر کي ٻڌايو ته روحاني پيشوا ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ خصوصي دعائون پڻ گهرندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.