ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي صدر نويد عباس ڪلھوڙو، مرڪزي، سوشل ميڊيا سيڪريٽري، سميع ابڙو مرڪزي اڳواڻ امجد سرگاڻي ۽ زين جتوئي پنھنجي گڏيل بيان ۾ چيو آھي تھ سنڌ جي گهرو وزير طرفان اسيمبلي ۾ رٽائرڊ فوجين جي سنڌ پوليس ۾ ڀرتي ڪرڻ وارو اعلان ميرٽ جي لتاڙ آھي. گهرو وزير جو هي اعلان ھزارين بيروزگار نوجوانن جي حقن تي ڌاڙو آھي. رٽائرڊ فوجين جي سويلين ادارن ۾ ڀرتين سبب بي روزگاري ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، نوجوان بي روزگاري سبب خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آهن. سويلين ادارن ۾ رٽائرڊ فوجين جي ڀرتين تي پابندي لاڳو ڪرڻ لاءِ قانونسازي ڪئي وڃي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ڪجھ ڏينهن اڳ سنڌ پوليس ۾ ڀرتي ڪرڻ لاءِ بي روزگار نوجوانن کان ھزارين روپين جا چالان ڀرائي ٽيسٽ ورتي وئي آهي ۽ ھاڻي هزارين نوجوانن کي مختلف بهانا ڄاڻائي کين فيل ڪري روزگار کان محروم ڪيو ويندو. پيپلز پارٽي اقتدار عيوض سنڌ جون زمينون، نوڪريون، ٻيٽ، ڪارونجهر، گورک ۽ ٻيا معدني وسيلا وڪڻي ڇڏيا آھن. اڳواڻن وڌيڪ چيو آھي ته سنڌ جا لکين پڙهيل لکيل نوجوان بيروزگار آھن جن لاءِ روزگار جا سمورا در بند ڪيا ويا آھن ۽ مٿان پيپلز پارٽي جا حڪمران چٿرون ڪن ٿا ته سنڌ جا نوجوان نوڪرين ۾ اپلائي ڪرڻ بدران ڇولا وڪڻين. اڳواڻن وڌيڪ چيو آھي تہ ملڪي صدر توڙي ڪنھن بہ شخص کي صوبائي کاتي ۾ دخل اندازي ڪرڻ ۽ سنڌ جي نوجوانن جي حقن تي ڌاڙو ھڻڻ جو اختيار حاصل نه آھي.