پي ٽي آءِ ڀڃ ڊاهه جو شڪار، ڌڙا جڙي ويا

اسلام آباد ( م ڊ ) اسلام آباد سينيئر صحافي ۽ ناليواري تجزئي نگار عمران شفقت چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف مختلف گروپن ۾ ورهائجي ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿيڻ لڳي آهي ۽  ايندڙ وقت ۾ پارٽي مان اڃا وڌيڪ گروپ سامهون ايندا ، هن چيو ته پارٽي اندر ڀڃ ڊاهه فوج خلاف ڪئي ويندڙ سازشن جو ردعمل آهي، ڇاڪاڻ ته پي ٽي آءِ فوج ۾ موجود پنهنجي سياسي حمايتن جي ذريعي فوج ۾ بغاوت ڪرائڻ  جون سازشون ڪندي رهي آهي، جنهن ۾ هڪ وڏي سازش 9 مئي واقعي واري ناڪام ٿي وئي آهي ۽ هڪ اهڙي نوعيت جي ٻي سازش پڻ ناڪام ٿيڻ واري آهي. عمران شفقت وڌيڪ اهو چيو آهي ته عمران خان ڳجهن ادارن کي محدود ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي جنهن ۾ هُو ڪامياب ٿيندي ته نظر نٿو اچي پر ان جو کيس تمام گهڻو نقصان رسندو، ڇاڪاڻ ته عمران خان مسئلن جو حل سياست جي بدران سازشن ۾ تلاش ڪري رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.