سنڌ ۾غير قانوني اڏاوتن خلاف ڪارروايون، اڏاوتون پٽ

ڪراچي (رپورٽر)غير قانوني اڏاوتن جو حل يقيني نظر اچي رهيو آهي، ان سلسلي ۾ بلديات واري صوبائي وزير سعيد غني جي سخت حڪم تي ڊائريڪٽر جنرل ايس بي سي عبدالرشيد سولنگي سرگرم آهي. غير قانوني اڏاوتن بابت شڪايتن جو ازالو، غير قانوني اڏاوتن کي روڪڻ ۽ ڊاهڻ واري  عمل جي شفافيت عمل ۾ هرموڙ ۽ مرحلي جي پاڻ نگراني ڪري رهيو آهي،  مڪاني ادارن واري وزير سعيد غني جو چوڻ آهي ته ڪراچي کي ڪنڪريٽ جو جهنگ ٺاهيندڙن جا منصوبا تباهه ڪري ڇڏيندا. سمورن غير قانوني نوان هجن يا پراڻا جي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. ان سلسلي ۾ ڊائريڪٽر جنرل SBC جي خاص ڌيان ۽ نگرانيءَ سان هلندڙ مهم جا مثبت نتيجا ظاهر ٿي رهيا آهن. غير قانوني اڏاوتن ۾ ملوث ماڻهن جي حوصلا شڪني ۽ شهر ۾ تعميرات جي ان درجي جي تعميرات ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي. ان سلسلي ۾ ايسوسيئيشن آف بلڊرز اينڊ ڊولپرز پڻ ڊائريڪٽر جنرل عبدالرشيد سولنگي جي قدمن کي ساراهيو ۽ ان کي قانوني رهائشي ۽ ڪمرشل پروجيڪٽ سميت سموري تعميراتي صنعت لاءِ ڀليڪار قرار ڏنو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.