ڪنڌڪوٽ واسي 3 هندو واپاري اغوا، شٽربند هڙتال، ريلي

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: ممتازسنڌي) ڪنڌڪوٽ بيل سيڪشن ٿاڻي جي حد مان غوثپور جي ٽن ھندو واپارين جي اغوا ۽ شھر اندر وڌنڌڙ بدامني وارن واقعن خلاف ھندو پئنچايت جي سڏ تي شھر ۾ڪاروبار بند ڪري  مندر چوڪ کان مين پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ريلي جي اڳواڻي مکي سريش لال، سيد حبن شاھه، سليم شاھه، ڪائونسلر برج لال، چوڌري رميش لال، ڊاڪٽر واشديو ۽ ٻين ڪئي. ان موقعي تي هنن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪالهه صبح غوثپور کان ڪنڌڪوٽ ويندي اڻ ڄاتل ھٿياربندن ٽن ھندو واپارين نتش گيھاڻي، نتيش ڪمار ۽ سنجئي ڪمار کي ڪار سميت اغوا ڪري ڪچي طرف فرار ٿي ويا آهن، افسوس آھي جو پورو ضلعو ڪشمور ڏوھارين جي ڪنٽرول ۾ آھي، ڪير به ھنن کي روڪڻ وارو ڪونھي، نه اسان گھرن ۾ محفوظ آھيون نه ئي ٻاهر محفوظ آهيون، اڳواڻن آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي کان مطالبو ڪيو ته 3 ڏينھن اندر اغوا ٿيل واپارين کي بازياب نه ڪرايو ويو ته مين انڊس ھاءِ وي تي ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪنداسين، اسان پر امن ھندو برادري کي بدامني پکيڙي لڏائڻ واري سازش ڪامياب نه ٿيندي، اڳواڻن ضلعي ۾ فوجي آپريشن جو مطالبو ڪيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.