ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري عبدالله شاهه غازي جي 1294هين سالياني عرس جو افتتاح ڪيو. گورنر سنڌ مزار تي چادر چاڙهي ملڪ جي ترقي ۽ مسئلن جي حل لاءِ خصوصي دعا گهري. بعد ۾ سنڌ جي گورنر زائرين ۾ ڪپڙا، پاڻي، جوس ۽ لنگر پڻ ورهايو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي گورنر چيو ته مون کي پوري اميد آهي ته الله تعاليٰ هن عظيم بزرگ جي مدد سان پاڪستان جي معاشي استحڪام لاءِ دعائن کي رد نه ڪندو، انشاءَالله جلد پاڪستان معاشي طور تي پنهنجي پيرن تي بيهندو، ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ گرمي جي گهٽتائي ۽ برساتن لاءِ به دعا ڪئي آهي، هن چيو ته وزيراعظم ۽ آرمي چيف ايس آءِ سي ايف ذريعي سيڙپڪاري آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ گورنر سنڌ چيو ته دنيا ۾ موسمياتي تبديلين سبب پاڪستان کي 2 سالن دوران تمام گهڻو نقصان ٿيو. هن چيو ته بوهرا جماعت جو روحاني پيشوا منهنجي درخواست تي پاڪستان اچي رهيو آهي، جيتوڻيڪ کيس ٻين پنجن ملڪن مان خط به لکيا ويا هئا، پر بوهرا جماعت جي ميمبرن مون کي ٻڌايو ته بوهرا جماعت جي روحاني پيشوا خوشي جو اظهار ڪندي پنهنجي خواهش جو اظهار ڪيو.