ڪوئٽا (م ڊ) ڊيره بگٽي ۾ برسات ۽ طوفاني هوائن سبب سوئي جي ويجهي 132 ڪي وي ٽرانسميشن لائين جا 4 ٽاور ڪري پيا، ڪيسڪو اختيارين موجب، تيز برسات ۽ طوفاني هوائن سبب 132 ڪي وي سوئي، ڊيرا بگٽي ٽرانسميشن لائين جا ٽاورڪري پيا آهن،ڪيسڪو اختيارين جو چوڻ آهي ته ڊيرا بگٽي گرڊ اسٽيشن کي بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي آهي.ڪيسڪو عملدارن موجب سامان جي منتقلي جو عمل سندن عملي پاران شروع ڪيو ويو آهي جڏهن ته سڪيورٽي ڪليئرنس کانپوءِ ٽاورز جي مرمت، تنصيب ۽ سار سنڀال جو ڪم شروع ڪيو ويندو.