نيويارڪ (م ڊ)وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پيپلز ري پبلڪ آف چائنا جي هم منصب ڪيو آئي يانجن سان نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي پيپلز ري پبلڪ آف چائنا جي مشن جي آفيس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪ چين لاڳاپن، سيڪيورٽي معاملن، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي لاءِ چين جي تعاون تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. ٻنهي شخصيتن ٽريننگ، جديد آلات ۽ ٽيڪنالاجي جي استعمال جي باري ۾ به ڳالهيون ڪيون. پيپلز ري پبلڪ آف چائنا جي هم منصب ڪيواني يانجن اسلام آباد ۾ پرڏيهين خاص طور چيني شهرين جي حفاظت جي لاءِ اسپيشل پروٽيفڪشن يونٽ(ايس پي يو) جي قيام جي قدمن جي تعريف ۽ پاڪستاني قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ٽريننگ ۽ تعداد وڌائڻ جي لاءِ ڀرپور تعاون جو يقين ڏياريو. ڪيو آءِ يانجن داسو واقعي تي ٿيندڙ اڳڀرائي جو اظهار ڪيو ۽ گهرو وزير محسن نقوي کي سيپٽمبر ۾ چين ۾ ٿيندڙ گلوبل سيڪيورٽي فورم ۾ شرڪت جي دعوت ڏني.