سکر گرين منصوبو ناڪام، هزارين پوکيل ٻوٽا سڙي سڪي ويا

سکر(عوامي آواز نيوز): ”سکر گرين“ جو منصوبو ناڪام ميونسپل سکر پاران هزارن جي انگ ۾ پوکيل ٻوٽا سڪي سڙي ويا، ڪجهه عرصو  اڳ سکر ميونسپل سکر شهر کي خوبصورت ۽ سائو بنائڻ لاءِ شهر جي مکيه شاهراهن جي ٻنهي پاسن کان هزارن جي انگ ۾ ٻوٽا پوکرايا هيا جن جي سارسنڀال نه ٿي سگهي نتيجي ۾ اهي سمورا ٻوٽا گرميءَ جي شدت سبب سڪي سڙي ويا آهن، شهرين ميونسپل انتظاميه جي اهڙي ناهليءَ تي سخت ردعمل جو اظهار ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته انهن ٻوٽن کي ٻيهر پوکي سندن جي سار سنڀال ڪئي وڃي ته جيئن شهر جي ماحول تي هاڪاري اثر پئي ۽ گرميءَ جي شدت ۾ پڻ گهٽائي اچي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.