اسلام آباد (م ڊ)اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي نجي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهيون ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جون سموريون سياسي پارٽيون ناڪام ٿي چڪيون آهن. عوام پاڪستان پارٽي جي سربراهه چيو ته اسان جي سياسي پارٽي ۾ رجسٽريشن جو عمل جاري آهي هن چيو ته پاڪستان جون سموريون سياسي پارٽيون فيل ٿي ويون آهن، ملڪ ۾ تمام گهڻا مسئلا آهن موجوده سياسي پارٽيون به مسئلا حل نٿيون ڪري سگهن. هن چيو ته 35 سال (ن) ليگ ۾ رهيس سٺي خراب جو ذميوار آهيان. سياسي ماڻهن سان رابطا جاري آهن مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهو پارٽي ۾ شامل ٿي رهيا آهن هن چيو ته چاهيون ٿا ته ملڪ آئين موجب هلي. شاهد خاقان عباسي چيو ته معيشت کي بهتر ڪرڻو آهي اسان نوجوان نسل کي اميد ڏياري آهي ته ملڪي مسئلا حل ٿي سگهن ٿا، هن شهباز شريف طرفان اپوزيشن کي ڏنل آڇ جي باري ۾ چيو ته اها صرف پوليٽيڪل پوائنٽ اسڪورنگ آهي.