ڀرياسٽي ۾ بجلي بحران ۽ اضافي بلن خلاف رھواسين جي احتجاجي ريلي

ڀرياسٽي (ن ع آ) ڀرياسٽي ڳوٺ دالي جي شيرمحمد  ڪالوني ۽ ڪلھوڙا پاڙي جا ڳوٺاڻا معصوم ٻارڙن سان واپڊا سيپڪو سب ڊيوزن ٺاروشاھ جي زيادتين خلاف شيرمحمد ڪلھوڙو، ممتازڪلھوڙو، گلزارعلي ڪلھوڙو، قبول احمد، علي مردان ڪلھوڙو، امام بخش، مرتضي ڪلھوڙو، پيرمحمد ڪلھوڙو، گلشاد ڪلھوڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بجلي جا بل ھٿن ۾ کڻي روڊن تي نڪري احتجاجي ريلي ڪڍي 18 مھينن کان سڙيل ٽرانسفارمر آڏو نٽھڻ اس ۾ سخت احتجاجي مظاھرو ڪندي ميڊيا آڏو دانھيندي ٻڌايو ته سيپڪو سب ڊيوزن ٺاروشاھ جي عملي پاران سندن پاڙي جي بجلي 18 مھين کان مڪمل بند ڪري ڇڏي آھي ۽ سندن ٽرانسفارمر به سڙيل آھي جنھن سبب اسان جا معصوم ٻارڙا اھڙي ڪھر جھڙي گرمي ۽ ٻوسٽ ۾ زندگي گذارڻ تي مجبور بڻيل آھن . ھنن وڌيڪ ٻڌايو ته 18 مھينن کان بجلي نه ھئڻ باوجود به سيپڪو پاران بجلي جا ڳرا بل موڪليا پيا وڃن . جڏھن ته بجلي به ناھي ته پوء بل ڇو ٿا موڪلين، سيپڪو عملو رڳو وڏي رشوت عيوض من پسند ماڻھن کي بجلي ڏيئي رھيا آھن جيڪو سراسر اسان مسڪين ڳوٺاڻن سان ظلم آھي . ھنن وڌيڪ چيو ته چونڊيل نمائيندا به ووٽ وٺڻ مھل اچن ٿا ۽ پوءِ اسان جي ڪابه سار نٿا لھن . ھنن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وزيراعلي سنڌ، وفاقي وزير بجلي ۽ پيدوار، سيپڪو چيف سکر، انجنيئر سيپڪو نوشھروفيروز سميت اعليٰ اختيارين کان پرزور مطالبو ڪندي گھر ڪئي آھي ته 18 مھينن کان سڙيل ٽرانسفارمر تبديل ڪري بجلي بحال ڪئي وڃي نه ته ٻي صورت ۾ بجلي جا بل به جمع ڪرائيندا سين ۽ سيپڪو خلاف قومي شاھراھ تي احتجاج ڪندا سين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.