اسلام آباد (م ڊ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته افغان سرزمين تان اسان جي سرزمين تي دهشتگردي عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي، پاڪستان جي سالميت لاءِ تحريڪ طالبان پاڪستان کي سرحد پار به نشانو بڻائي سگهجي ٿو. پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي خواجا آصف چيو ته آپريشن عزم استحڪام جو فيصلو تڙتڪڙ ۾ نه ٿيو پر ملڪ ۾ اهڙو سياسي ماحول موجود آهي جو سياسي جماعتون پنهنجي مفادن آڏو حڪومتي فيصلن کي اسپيس نه ٿيون ڏيڻ چاهين. هن چيو ته آپريشن تي خدشا ختم ڪيا ويندا، اعتماد ۾ ورتو ويندو ۽ اهو اسان جو فرض به آهي، افغانستان ۾ دهشتگردن جي پناهگاهن کي نشانو بڻائڻ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ناهي، ڇو ته اتان پاڪستان ۾ دهشتگردي ايڪسپورٽ ٿي رهي آهي ۽ انهن جي سليپر سيل جا 4 هزار اهي ميمبر، جيڪي عمران خان جي حڪم تي واپس آندا ويا، پاڪستان ۾ بدامني پکيڙي رهيا آهن.