جوهي (رپورٽ: ايم اسماعيل پيرزادو)ڪاڇي جي قصبو ٿاڻي جي حد ڳوٺ ميرو پٽ جي رهواسين کي قصبو ۾ ڀتو نه ڏيڻ تان لغاري برادري جي ٻن ڌُرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، هڪ ڌر جي هٿيار بندن دڪان تي حملو ڪري سڌي فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 سڳا نوجوان ڀائر ساجد ولد علي حسن لغاري ۽ امجد لغاري مارجي ويا آهن، مقتولن جي والد علي حسن لغاري ميڊيا وارن اڳيان روئيندي دانهيو ته ڪاڇو پوليس اسٽيٽ بڻجي ويو آھي سڄي ڪاڇي اندر هٿياربند دھشتگردن جو قبضو آھي ڪافي ڏينهن کان پٽن جا قاتل جوابدار ڀتو گهري رهيا هئا نه ڏيڻ تان اڄ رٽائرڊ پوليس اهلڪار ساٿين جي مدد سان ٻنهي پٽن کي بيگناھه قتل ڪري ڇڏيو، هن چيو ته ڪاڇي جا ڀوتار پوليس دهشتگردن سان مليل آھن، جنهن سبب غريب پورهيتن جي زندگي ڏکئي پئي گذري، انصاف نالي ڪابه شئي ناهي انسانن سان گڏ قانون جو به قتل ٿي رهيو آھي. ھن آءِ جي سنڌ، ايس ايس پي دادو ۽ ٻين اختيارين کان پرزور مطالبو ڪيو آھي ته ٻنهي مقتول ڀائرن جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڏياريو وڃي.