اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)عالمي منڊي ۾ تيل جا اگهه وڌڻ سبب پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ 8 رپيا في ليٽر اضافي جو امڪان آهي. لاڳيتو 4 ڀيرا قيمتن ۾ گهٽتائي کانپوءِ پهرين جولاءِ کان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ 7 کان 8 رپيا في ليٽر اضافي جو ڪاٿو لڳايو ويو. قيمتن ۾ مسلسل 4 ڀيرا گهٽتائي کانپوءِ پهرين جولاءِ کان پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ 7 کان 8 رپيا في ليٽر واڌ جو امڪان آهي، جنهن جو وڏو سبب عالمي مارڪيٽ ۾ قيمتن ۾ واڌ آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته گذريل 15 ڏينهن دوران عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 4.4 ڊالر في بيرل ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 5.5 ڊالر في بيرل واڌ جو اندازو لڳايو ويو آهي .