يوڪرين غزا ۽ داغستان جي حملن ۾ ڪو تعلق آھي ؟

آچر تي روس جي مسلم اڪثريت واري علائقي داغستان ۾ ڪيترن ئي حملن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 20 ماڻهو مارجي ويا، جن ۾ 15 پوليس آفيسرن ۽ هڪ آرٿوڊوڪس پادري سميت عام شهري شامل آهن. واقعن ۾46 ڄڻا زخمي ٿيا آھن.جڏھن  تھ  پنج ويڙھاڪ پڻ مارجي ويا.

ظاهري طور تي انھن منظم حملن  ۾ ڊيربنٽ ۽ ماخچڪالا جي شھن ۾ ٻن گرجا گھرن ۽ ٻن يهودي عبادتگاهن کي نشانو بڻايو. حملو آرٿوڊڪس تھوار پينٽي ڪاسٽ  جي موقعي تي ٿيا.

حملن جي شروعات  قديم يهودين جي علائقي ڊربينٽ ۾ ٿي. ٻن هٿياربند گروهن ھڪ ئي وقت (روس جي وقت موجب شام پنجين وڳي)لينن اسٽريٽ تي آرٿوڊوڪس چرچ  تي ٻھ عبادت جي  جاين  ورجن ميري تاجي زادا اسٽريٽ ھڪ ئي وقت آتشگير مواد اڇلايو.وڊيوز  حملو ڪرڻ ۽عمارتن کي باهه لڳندي ڏسي سگھجي ٿو.

وڊيوز ۾حملو ڪندڙ پھرين حفاظت ڪندڙ پوليس اهلڪارن تي فائرنگ ڪئي.ڊيربينٽ  تي حملي جي هڪ وڊيو ۾ ڪجهه حملو ڪندڙن جا چھرا ڏيکاريا ويا آهن.لڳي ٿو تھ ٻه ڄڻا زخمي آهن،پر هٿياربندن پوليس کان ڪار کسي آهي.چرچ  ٻاهران هڪ  اھلڪار ۽ 66 سالن جو پادري قتل ٿي ويا.

اڌ ڪلاڪ جي وقفي بعد هٿياربندن جو ٻيو گروپ داغستان جي راڄڌاني ماخچڪا ۾ چرچ تي مقرر اھلڪارن  تي فائرنگ ڪئي. حملي ۾ چرچ جو محافظ مارجي ويو.

سوشل ميڊيا تي پوسٽ ڪيل وڊيو فوٽيج ۾ ڪارو لباس پهريل ماڻهن کي پوليس جي گاڏين تي فائرنگ ڪندي ڏٺو وڃي ٿو. اهي گهٽين ۾ گهمي رهيا آهن هٿياربند هڪ شهري جي ڪار ڦرندي ڏٺو ويو.

ساڳئي وقت تي  هڪ گروهه يرموشڪين اسٽريٽ تي ماخچ ڪلا عبادت گاهه تي ڌماڪيدار مواد اڇلايو.

اختيارين طرفان  حملي ڪندڙن سڃاڻپ ظاھر ڪئي وئي ۽ وڊيوز ۾ انھن جي شناخت بي بي سي،  سافٽ ويئر استعمال ڪري ڪئي وئي آهي.

روسي عملدارن جو چوڻ آهي ته پنج حملي آور مارجي ويا آهن، ٻين جي ڳولا جاري آهي، حملو ڪندڙن جو ڪل تعداد ظاهر نه ڪيو ويو آهي.

مارجي ويلن ۾ عثمان ۽ عادل عمروف به شامل آهن. اهي ٻئي اتر داغستان جي سرگوڪلنسڪي  ضلعي جي سربراهه جا پٽ آھن ۽ حملي ۾ شامل ھئا.

عمروف سينيئر گرفتار ڪيو ويو آھي. ان کان  يونائيٽيڊ رشيا پارٽي (روس ۾ حڪمران سياسي پارٽي) مان ھن کي  ڪڍي ڇڏيو ، ڇو تھ ھو پنهنجي ٻارن جي انتها پسند خيالن کان واقف هو پر انٽيليجنس کي اطلاع نه ڏنو.

روسي ميڊيا  جي دعويٰ ڪئي موجب عثمان عمروف ترڪي ۾ داعش جي سيل سان تعلق هو.

عثمان جي 32 ورهين جي سوٽ عبدالصمد احمد زيف به حملي ۾ شامل  ھو ۽  پوليس طرفان گرفتاري جي ڪوشش دوران مارجي ويو.

مارجي  ويلن  ۾ حاجي مراد ڪروف جيڪو 28 سالن جو هو ۽ مارشل آرٽ جو رانديگر هو.

ياد رهي ته ڪافي عرصي کان داغستان ۽ انگوشيشيا (اتر ۽ قفقاز) جي رانديگرن جي وچ ۾ مذهبي انتهاپسندي پکيڙڻ جون خبرون اچي رهيون آهن.

پنجون حملو ڪندڙ 35 سالن جو علي زڪريجيوف هو، جيڪو جوسرگوڪلنسڪي ضلعي جي سربراهه جو ڀائيٽيو ھو.

تاحال ڪنھن بھ حملن جي ذميواري  قبول نه ڪئي آهي، پر سوشل ميڊيا تي انتهاپسند گروپ اسلامڪ اسٽيٽ جي حامين جي ردعمل سان ظاهر ٿئي ٿو ته ڄڻ کين يقين آهي انهن حملن ۾ داعش جو  هٿ آهي.

خيال آھي تھ  ويڙھاڪ تنظيم داعش حملي ڪندڙن جي سڃاڻپ ظاهر نه ٿيڻ تائين ذميداري قبول نھ ڪندي آھي.

دولت اسلاميھ اڳواڻن "غزا تي حملن جي بدلي ۾” سڄي دنيا ۾ ٻين مذھبن  جي اھم مذھبي عبادت گاھن تي حملي جو چيو آھي.

جيئن مسلمانن ۽ غير مسلمانن جي وچ ۾ مذهبي جنگ جي اهميت کي اجاگر ڪجي.علائقي جي سربراهه سرگئي ميليڪووف حملن کانپوءِ هڪ وڊيو پيغام ۾ چيو ته ”اهي حملا يوڪرين جي جنگ سان جڙيل آهن،“ پر هن دعويٰ جو ڪو ثبوت پيش نه ڪيو.

داغستان ۾ عيسائي ۽ يهودي عبادتگاهن تي هي پهريان حملا نه هئا. ھن کان اڳ 2018ع  ۾ ڪزليار شهر ۾ چرچ ويندڙ عورتن تي فائرنگ ڪري  5 عورتن کي قتل ڪيو ويو ھو.داعش جي "قفقاز ريجن” ان حملي جي ذميواري قبول ڪئي ھئي.

گذريل سال 29 آڪٽوبر تي، سوشل ميڊيا تي اسرائيل کان جهاز جي آمد کي روڪڻ لاءِ احتجاج ڪندڙن ماخچڪالا ايئرپورٽ تي حملو ڪيو ھو.

ايئرپورٽ تي ميڙ کي فلسطيني جهنڊو ڦڙڪائيندي وڊيو ڏسي سگھجي ٿي.ان حملي ۾ ڪيترن ئي پوليس اهلڪارن سميت 20 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.