اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف مخصوص سيٽن واري ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ ۾ ڌر بڻجڻ جي درخواست داخل ڪري ڇڏي. پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر طرفان سپريم ڪورٽ جي فل ڪورٽ بينچ ۾ ڌر بڻجڻ جي درخواست داخل ڪئي وئي. درخواست ۾ چيو ويو ته سني اتحاد ڪيس ۾ تحريڪ انصاف کي ڌر بڻايو وڃي، اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ تي الزام هنيو آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته تحريڪ انصاف بابت اليڪشن ڪميشن جا الزام حقيقتن جي ابتڙ آهن، تحريڪ انصاف، سني اتحاد ڪائونسل کي ڪجهه سيٽن کان محروم ڪيو ويو. درخواست ۾ چيو ويو ته اليڪشن ڪميشن مخصوص سيٽون ٻين سياسي پارٽين ۾ ورهايون آهن، سني اتحاد ڪائونسل ۽ تحريڪ انصاف مخصوص سيٽن لاءِ اهل آهن.