فلسطينين جي نسل ڪشي ۾ سهولت ڪار، پاڪستان تي الزام پيو لڳائي

اسلام آباد(م ڊ) بچاءَ واري وفاقي وزير خواجا محمد آصف چيو آهي ته فلسطينين جي نسل ڪشي ۾ سهولت ڪار آمريڪا، پاڪستان تي الزام پيو لڳائي. بچاءَ واري وزير آمريڪي ڪانگريس جي قرارداد تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته آمريڪي ڪانگريس پاڪستان جي چونڊن ۾ بي ضابطگين جي الزامن کانپوءِ غيرجانبدارانه جاچ جو مطالبو ڪيو آهي. هن چيو ته اهو مطالبو ان ملڪ طرفان آهي، جيڪو هن وقت فلسطين جي عوام جي نسل ڪشي کي هٿي ڏئي رهيو آهي. خواجه آصف وڌيڪ چيو ته ڊيموڪريٽس ۽ ريپبلڪن ٻنهي چونڊن ۾ پرڏيهي مداخلت ۽ ڌانڌلي جا الزام لڳايا. هن اهو به چيو ته گڏيل قومن کي آمريڪي چونڊن ۾ پرڏيهي مداخلت ۽ ڌانڌلي جي جاچ لاءِ ڇو نه چيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.