نصرالله گڏاڻي کي خالد لنڊ پٽن سان گڏجي قتل ڪرايو: شاهدن جا بيان

گهوٽڪي/ميرپورماٿيلو(نمائندن وٽان )گهوٽڪي پي پي ايم اين اي خالد لنڊ سندس پٽ ميونسپل چيئرمين شهباز لنڊ ۽ نورمحمد لنڊ شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي کي قتل ڪرايو آهي ڪيس جي شاهدن عدالت ۾ 164 جو بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو آهي شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ميرپورماٿيلو ۾  سيڪنڊ سول جج جي عدالت ۾ ٿي. ان موقعي تي شهيد جي ڪيس جي فريادي امڙ  مسمات پٺاڻي  ۽  ڪيس جا شاهد وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا ڪيس جي شاهد نصرالله گڏاڻي جي ڀاءُ  يعقوب گڏاڻي عدالت ۾ پنھنجو 164 جو بيان رڪارڊ ڪرائيندي چيو ته سندس ڀاءُ نصرالله کي حق سچ جو آواز بلند ڪرڻ تي پي پي ايم اين اي خالد لنڊ،  سندس پٽ ميونسپل چيئرمين شهباز لنڊ ۽ نورمحمد لنڊ قتل ڪرايو آهي.هوڏانهن شهيد نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس جي پيروي ڪندڙ وڪيل صلاح الدين پنھور ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ان اڳ به خالد لنڊ ۽ سندس پٽ صحافي نصرالله گڏاڻي کي مسلسل ڌمڪائيندا هئا ۽ ڪرپشن کي وائکو ڪرڻ مظلومن جو آواز بلند ڪرڻ تي مٿس ڏمريل هئا ۽ نصرالله جي فيملي کي پڻ حراسان ڪندا هئا ڪيس جي شاهدن عدالت آڏو پنهنجو 164 جو بيان رڪارڊ ڪرائيندي خالد لنڊ ۽ سندس پٽن جا نالا ايف آءِ آر  ۾ شامل ڪرڻ جي استدعا ڪئي آهي،  هاڻ سنڌ حڪومت ۽ آءِ  جي سنڌ کي گھرجي ته شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قاتلن کي گرفتار ڪري ۽ شهيد جي وارثن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.ٻئي پاسي شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي ڀاءُ يعقوب گڏاڻي چيو ته اسان کي مسلسل ڌمڪايو پيو وڃي، پر مان پنهنجي دوستن نصرالله جي ساٿين مٽن مائٽن جو شڪريو ادا ڪيان ٿو جن منهنجي مدد ڪئي ۽ حوصلو ڏنو، يعقوب گڏاڻي چيو ته قاتل خالد لنڊ ۽ سندس پٽن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي ڪو به شخص هاڻ مون وٽ خالد لنڊ جو وڪيل ٿي ڪري نه اچي، انهن جو اسان ڏانهن هاڻ رستو بند ٿي چڪو آهي.شهيد جي ڀاءُ يعقوب گڏاڻي مطالبو ڪيو ته کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي،  هوڏانهن عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 5 جولاءِ تائين ملتوي ڪندي ڪيس جي جاچ آفيسر ذوالفقار مهر کي 5 تاريخ تائين ڪيس جو چالان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

  1. امان پٺاڻي پاران بلاول ڀٽو کان خالد لنڊ کي پارٽي مان نيڪالي ڏيڻ جو مطالبو

گهوٽڪي (رپورٽ :آزاد مھر) : شهيد صحافي نصر الله گڏاڻي جي امڙ وڏو مطالبو ڪري ڇڏيو، خالد لُنڊ کي پ پ  مان ڪڍيو وڃي ،  پٽ جا قاتل گرفتار نه ٿيا ته پاڻ کي باھ ڏئي ساڙينديس پٺاڻي گڏاڻي خبر موجب شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي امڙ پٺاڻي گڏاڻي ويڊيو بيان ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، آصفه  ڀٽو ۽ بختاور ڀٽو زرداري کان مطالبو ڪندي چيو ته اوهان شهيدن جا وارث آهيو ۽ پٽ نصرالله جي شهادت بعد مونکي به شهيدن جي خبر پئي آهي منهنجي پٽ جو قاتل خالد لنڊ اوهان جي پارٽي ۾ ويٺو آهي شهيدن جي پارٽي ۾ قاتل جي گنجائش نه هئڻ گهرجي فوري طور خالد لنڊ کي پارٽي مان نيڪالي ڏني وڃي شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي امڙ پٺاڻي گڏاڻي پٽ جا قاتل ايم اين اي خالد لنڊ ۽ ٻيا گرفتار نه ٿيڻ خلاف پاڻ کي باھ ڏيئي سارڻ جو پڻ چتاءُ  ڏئي ڇڏيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.