پي ٽي آءِ باني جي آزادي بابت شيخ رشيد وڏو بيان ڏئي ڇڏيو

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته موجودا صورتحال ۾ ڪو بيوقوف ئي اِهو سمجهندو هوندو ته پي ٽي آءِ باني عمران خان کي آزاد ڪيو ويندو.
اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته اڄ ڪو به فرد جرم لاڳو ناهي ٿيو، 650 ماڻهن کي گرمي ۾ ماريو ويو.
هن چيو ته اڄ سندس پراسيڪيوٽر سان جهيڙو ٿي پيو، پراسيڪيوٽر چيو هو ته مان هتي پيش نه ٿيندس، پراسيڪيوٽر جج خلاف بي اعتمادي جي رٿ داخل ڪرائي هئي جيڪا رد ڪئي وئي.
شيخ رشيد چيو ته ڪينيا جي فلم پاڪستان ۾ به ٻيهر هلي سگهي ٿي، 30 آگسٽ کان اڳ حساب ٿيندو.
هن چيو ته شهباز شريف چيو ته موجودا بجيٽ آءِ ايم ايف جي بجيٽ آهي، آءِ ايم ايف ٺاهي آهي، قوم ڪنهن اڳواڻ جو انتظار نه ڪندي، هر پاسي بک ئي بک آهي، هي ويڙهه غريب جي ويڙهه آهي .
عمران خان جي آزادي بابت سوال تي شيخ رشيد چيو ته ڪو بيوقوف ئي سمجهندو هوندو ته پي ٽي آءِ باني کي آزاد ڪيو ويندو، موجوده صورتحال ۾ پي ٽي آءِ جي باني کي آزاد نه ڪيو ويندو.

Sheikhrasheed ImranKhan PTI

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.