اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) جمعيت علماءَ اسلام ( جَي يو آءِ ) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ سياسي معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ ڇڏي ڏئي ته سڀ خير ٿي ويندو.
پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته حڪومت سمجهي ٿي عوام دوست بجيٽ آهي پر ملڪ تباهه ٿي ويو آهي، اقليت حڪومت ڪري رهي آهي، پيپلز پارٽي حڪومت جو حصو نه آهي.
ان کانپوءِ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته وزيراعظم ويجهڙ ۾ چين جو دورو ڪيو، سفارتي حوالي سان وزيراعظم جو چين جو دورو ڪامياب ناهي رهيو.
سندس چوڻ هو ته چين جا مهمان آيا ۽ هنن جواب ڏنو ته پاڪستان ۾ عدم استحڪام آهي، چين کان آيل مهمان چيو ته پاڪستان ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال ٺيڪ نه آهي.
مولانا فضل الرحمان چيو ته آپريشن ذريعي چين جا مطالبا پورا ڪيا پيا وڃن، ان تي اسٽيبلشمينٽ جو موقف واضح نه آهي.
اسٽيبلشمينٽ سياسي معاملن کان پري ٿي ويندي ته سڀ خير ٿي ويندو: مولانا فضل الرحمان
You might also like