اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وفاقي وزير سينيٽر فيصل واوڊا توهينِ عدالت ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ کان غير مشروط معافي گهري ورتي.
فيصل واوڊا عدالت شوڪاز تي نئون جواب جمع ڪرايو جنهن ۾ غير مشروط معافي گهرندي چيو ويو آهي ته پاڻ کي سپريم ڪورٽ جي رحم ڪرم تي ڇڏيان ٿو، منهنجي خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ختم ڪئي وڃي، جيڪڏهن منهنجي پريس ڪانفرنس سان عدليا جي ساک متاثر ٿي آهي ته غير مشروط معافي گهران ٿو، پريس ڪانفرنس جو مقصد عدليا جي توهين نه هو.
فيصل واوڊا موقف اختيار ڪندي چيو ته عدليا جو مڪمل احترام ڪيان ٿو، 5 جون جي عدالتي ڪارروائي کانپوءِ مذهبي عالمن سان ملاقات ڪئي، مذهبي اسڪالرن کان پڇيو ته سينيٽر جو ڪردار ڇا هجڻ گهرجي؟ مون کي راءِ ڏني وئي انصاف لاءِ آواز اٿاريو.
فيصل واوڊا جي جواب ۾ قرآن ۽ حديثن جا حوالا پڻ ڏنا ويا آهن ۽ چيو ويو آهي ته اسلامي تعليم جي روشني ۾ دل سان غير مشروط معافي گهران ٿو، قرآن پاڪ جي تلاوت کانپوءِ تمام گهڻو متاثر ٿيو آهيان، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ به تجويز ڏني ته معاملو انا جو ناهي، احساس ٿي ويو آهي ته معاشري ۾ عدليا کي سٺي ساک برقرار رکڻ ضروري آهي تنهنڪري عدالت کان درخواست آهي ته توهينِ عدالت جو جاري ڪيل شوڪاز نوٽيس واپس ورتو وڃي.
واضح رهي ته ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال گذريل ٻڌڻي تي عدالت کان غير مشروط معافي گهري چڪو آهي، ٻنهي خلاف توهينِ عدالت ڪيس جي ٻڌني 28 جون تي ٿيڻي آهي.
You might also like