واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي نمائندن جي ايوان پاڪستان ۾ ٿيل عام چونڊن جي جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
آمريڪي نمائندن جي ايوان مان 7 جي ڀيٽ ۾ 368 ووٽن سان منظور نان بائنڊنگ ٺهراءَ ۾ چيو ويو آهي ته 8 فيبروري جي چونڊن ۾ مداخلت ۽ بي ضابطگين جي دعوائن جي آزاداڻي ۽ اڻ ڌري جاچ ڪرائي وڃي.
ٺهراءَ موجب پاڪستان ۾ عوام جمهوري عمل ۾ شرڪت کان روڪڻ لاءِ کين دٻائڻ جي ڪوششن جي مذمت ڪيون ٿا.
ٺهراءَ ۾ عوام کي جمهوري عمل ۾ حصو وٺڻ کان پري رکڻ لاءِ ڌمڪائڻ، هراسان ڪرڻ ۽ قيد ۾ رکڻ جي به مذمت ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ٺهراءَ ۾ چيو ويو آهي ته انٽرنيٽ ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن سهولتن جي فراهمي ۾ دير ۽ انساني، سول ۽ سياسي حقن جي ڀڃڪري مذمت جوڳي آهي.
آمريڪي حڪومت ان نان بائندنگ ٺهراءَ تي عمل ڪرڻ جي پابند ناهي.
usa pakistan election2024