اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڀيرو بيهر تحريڪ انصاف کي ڳالهين جي آڇ ڪري ڇڏي.
قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته جيڪڏهن ڪنهن سان زيادتي ٿي آهي ته انصاف جو پاسو سدائين وزنائتو هجڻ گهرجي، جيڪڏهن پي ٽي آءِ باني کي ڏکيائيون آهن ته اچي ويهي ڳالهائي.
هن هڪ ڀيرو ٻيهر تحريڪ انصاف کي ڳالهين جي آڇ ڪندي چيو ته 2018 ۾ ميثاق معيشت جي ڳالهه ڪئي هئي پر ميثاق معيشت جي آڇ تي جيڪي نعرا بلند ٿيا هئا، اهي ذڪر جوڳا ناهن.
سندس چوڻ هو ته علي محمد خان جذباتي تقرير ڪئي، ڪاش هو منهنجي ماءُ جي لاڏاڻي جو حوالو به ڏئي ها، جيل سپرنٽينڊنٽ کي ماءُ جي لاڏاڻي جي ڏينهن موڪل جي درخواست ڏني پر نه ملي، مان هتي پنهنجي ذاتي تڪليف نٿو ٻڌائڻ چاهيان.
وزيراعظم چيو ته مان به ڪينسر جو مريض آهيان ۽ مان به جيل ۾ رهيو آهيان، مون کي قيدين جي وين ۾ آندو ويندو هو ته جيئن چيلهه ۾ وڌيڪ تڪليف ٿئي، اسان کي گهر جو کاڌو نه ڏنو ويندو هو، دوائون بند ڪيون ويون، اسان نٿا چاهيون ته انهن سان به اهڙيون زيادتيون ٿين.
شهباز شريف چيو ته ڪو دور هو جو هن ايوان ۾ تنقيد باوجود سياستدان هڪٻئي سان ڏک سک ۾ شريڪ هوندا هئا، 76 ورهين کانپوءِ به اسان هڪٻئي سان هٿ ملائڻ کان ڪيٻايون ٿا.
shahbazsharif pmln imrankhan