ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي شهري حڪومت پاڻي جي استعمال جي مانيٽرنگ لاءِ ميٽر لڳائڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
نوٽيفڪيشن موجب بجلي جيان پاڻي لاءِ به ميٽر لڳندا، زمين مان پاڻي ڪڍڻ، استعمال ۽ وڪري کي شهري حڪومت مانيٽر ڪندي، ان فيصلي تي ڪراچي ڊويزن ۽ ان جي ڀر وارن علائقن ۾ عمل ٿيندو.
نوٽيفڪيشن موجب فيصلو ڪارپوريشنز، واپاري استعمال، پيڪجنگ، تعليمي ادارن، هوٽلن، ريسٽورنٽس، مينوفيڪچرنگ، پروسيسنگ، سوسائٽين ۽ ڪوآپريٽو سوسائٽين تي به لاڳو ٿيندو، ان کانسواءِ رهائشي ڪامپليڪس، اپارٽمينٽس، فليٽس، هاءِ رائز بلڊنگس تي به فيصلو لاڳو ٿيندو.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته رڳو انفرادي رهائشي گهرن ۾ زمين هيٺ پاڻي جو استعمال مفت هوندو، صنعتي علائقن ۾ پاڻي جي چوري روڪڻ لاءِ ڊجيٽل ميٽر لڳائڻ جو عمل پهرين آگسٽ کان شروع ٿيندو.
ڪراچي جي ميئر چيو ته ڪمرشل سيڪٽر لاءِ زمين مان پاڻي ڪڍڻ تي پاليسي تيار ڪئي وئي آهي، ان سان ساليانو هڪ ارب رپين جي آمدني جو امڪان آهي.
هن چيو ته پاڻي چوري روڪڻ لاءِ 3200 ٽينڪرز کي رجسٽرڊ ڪيو آهي، وڌيڪ 2300 ٽينڪرز کي رجسٽرڊ ڪيو ويندو، پاڻي چوري روڪڻ لاءِ 9 مهينن ۾ 150 غير قانوني هائيڊرنٽس خلاف ڪارروائي ڪئي آهي.
murtazawahab ppp karachi