سوناڪشي ۽ ظهير اقبال هڪٻئي کان جلد ڌار ٿي ويندا؟

ڀارتي يوٽيوبر ساگر ٺاڪر المعروف ميڪسٽرن بالي ووڊ جي نئين جوڙي سوناڪشي سنها ۽ ظهير اقبال جي شادي جي مدي جي حوالي سان حيران ڪندڙ انڪشاف ڪري ڇڏيو.
ڀارتي ميگزين ”فٽ لڪ“ طرفان هڪ ڪانٽينٽ ڪريئٽر ۽ يوٽيوبر جو سماجي رابطن واري ويبسائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل پيغام شيئر ڪيو ويو.
ميڪسٽرن ايڪس تي دعويٰ ڪئي آهي ته سوناڪشي سنها ۽ ظهير اقبال جي شادي 5 سال کان وڌيڪ نه هلي سگهندي.
ميڪسٽرن پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته سوناڪشي سنها جي شادي 5 سال کان وڌيڪ هلي ته منهنجو نالو بدلائي ڇڏيو.
ڀارتي يوٽيوبر جي اهڙي تبصري تي سوشل ميڊيا واهپيدارن طرفان مختلف ردعمل ڏسي سگهجن ٿا.
هڪ واهپيدار لکيو ته انهي کي ڏسي ائين لڳي اهو پاڻ 5 سال زندا رهي سگهي ته وڏي ڳالهه آهي، هڪ ٻئي سوشل ميڊيا واهپيدار لکيو ته اهڙو ڪمينٽ ڪري سستي شهرت حاصل ڪري رهيو آهي.
ٻي پاسي وري ڪيترن ئي سوشل ميڊيا واهپيدار ميڪسٽرن جي بيان سان اتفاق رکندي به نظر آيا، هڪ واهپيدار لکيو ته مذهب کان ٻاهر شاديون جلدي ختم ٿي وينديون آهن.

India Sonakshi ZaheerIqbal

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.