لاهور(ويب ڊيسڪ) فنڪار ۽ اداڪار علي ظفر جو نئون گانو ”يار دي اک“ ايندي ئي ڇائنجي ويو.
علي ظفر پنهنجو اهو گانو 21 جون تي پنهنجي يوٽيوب چينل سميت ٻين ميوزڪ اسٽريمنگ ويب سائٽس تي رليز ڪيو.
هن پنهنجي گاني جي حوالي سان چيو ته ”جيڪڏهن اوهان به ڪڏهن به محبت جي نشي ۾ چور آهي ته اهو گانو اوهان جي لاءِ آهي“.
اهو گانو جيئن ئي رليز ڪيو ويو ان کي هينئر تائين ڏسڻ وارن جو انگ 8 لک کان وڌي ويو آهي.
انهي گاني جي ڊائريڪشن ۽ پراڊڪشن جي ذميواريون به علي ظفر پاڻ نڀايون آهن، گاني جي وڊيو ۾ ماڊلنگ انيسا شيخ ڪئي آهي، وڊيو کي سڊني ۽ لانس اينجلس ۾ فلمايو ويو آهي.
اهو گانو پنجابي ۾ آهي، جنهن ۾ هو ناڪام عاشقي بعد جو تجربو بيان ڪيو آهي.
انهي گاني جي ڪجهه ٻولن تي علي ظفر اسڪردو کان پنهنجا وڊيوز به جاري ڪري رهيو آهي.
AliZafar Pakistan Singer
Next Post
You might also like