اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته اسٽيشنري تان سيلز ٽئڪس جي ڇوٽ برقرار رکي وئي آهي، خيراتي اسپتالن کي سيلز ٽئڪس کان آجو قرار ڏيڻ تي غور ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته پينشن سڌارن سان پينشن جي خرچن ۾ گهٽتائي ايندي. قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي محمد اورنگزيب چيو ته حڪومت ايف بي آر ۾ سڌارا آڻيندي ان کي ڊيجيٽائيز ڪري رهي آهي، ان لاءِ بجيٽ ۾ 7 ارب رپيا رکيا ويا آهن، ايف بي آر مشڪل حالتن ۾ ٽئڪس آمدنيءَ ۾ 30 سيڪڙو اضافو ڪيو آهي. ان سان گڏ ٽئڪس ٽو جي ڊي پي جي شرح 13 سيڪڙو تائين وڌائڻ لاءِ پر اميد آهيون، جڏهن ته پي آءِ اي جي نجڪاري جي عمل کي به تيز ڪري رهيا آهيون. ڪوشش ڪنداسين ايندڙ آءِ ايم ايف. پروگرام آخري هجي. هن چيو ته ٽئڪس سڌارن ذريعي اڳاڙين جو دائرو وڌايو پيو وڃي، واپارين جو ٽئڪس نيٽ ۾ اچڻ ضروري آهي ۽ انهن کي ٽئڪس ڪس جي دائري ۾ آندو ويندو، جيڪي دڪاندار ٽئڪس سڌارن جو حصو نه بڻجندا انهن خلاف سخت قدم کنيا ويندا. نان فائلرز کي پرسنل هيئرنگ جو موقعو ڏنو ويو آهي. ناڻي واري وزير چيو ته پينشن سڌارن سان پينشن جا خرچ گهٽ ٿيندا، ڪجهه وزارتون بند ڪرڻ يا صوبن کي ڏيڻ بابت تجويزون ڏيڻ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي آهي. محمد اورنگزيب وڌيڪ چيو ته حڪومت هٿياربند فوج کي گهربل وسيلا فراهم ڪندي، حڪومت سي پيڪ فيز 2 ۽ چيني ماهرن کي سڪيورٽي فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته مهانگائي 38 سيڪڙو کان گهٽجي 11 سيڪڙو تي اچي وئي آهي، جڏهن ته سالياني ترقياتي بجيٽ (پي ايس ڊي پي) ۾ 81 سيڪڙو وسيلا جاري منصوبن لاءِ مخصوص ڪيا ويا آهن، جن ۾ 1500 ارب رپين جي رقم پڻ رکي وئي آهي. محمد اورنگزيب چيو ته اسٽيشنري وارين شين تي سيلز ٽئڪس جي ڇوٽ برقرار رکي وئي آهي، خيراتي اسپتال کي سيلز ٽئڪس کان ڇوٽ ڏيڻ تي غور ڪيو پيو وڃي. ناڻي واري وزير قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي عملي کي 3 بنيادي پگهارون بونس طور ڏيڻ جو به اعلان ڪيو.