ڪراچي ( رپورٽر) سڄي ملڪ ۾ گرمي جي لهر جاري آهي، اڄ سڀ کان وڌيڪ گرمي پد تربت ۽ جيڪب آباد ۾ 49 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. اڱاري ڏينهن دادو ۾ 48 ڊگري سينٽي گريڊ، سبي، لسبيلا، خيرپور ۾ 47 ڊگري سينٽي گريڊ، روهڙي، نورپور، ٺل، موئن جو دڙو، لاڙڪاڻو، ڇور، بهاولپور ۾ گرمي پد 46 ڊگري سينٽي گريڊ رهيو. ان کان علاوه سرگوڌا، ساهيوال، سکر ۾ 45، جهلم ۾ 44، لاهور، ملتان، ڊيرا غازي خان، فيصل آباد، اٽڪ، حيدرآباد، ٺٽو، مٺي، ڊيرا اسماعيل خان ۾ 43، اسلام آباد، 42، بنون، ڪراچي، پشاور ۾ 42. ڪوئيٽا ۾ 41 ۽ 37 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. موسميات کاتي موجب مون سون جون هوائون سڀاڻي کان عربي سمنڊ ۽ خليج بنگال کان ملڪ ۾ داخل ٿيڻ جو امڪان آهي. ڪراچي ۾ 2 يا 3 جولاءِ تي برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته سڀاڻي کان پهرين جولاءِ تائين سڄي ملڪ ۾ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.