ٿر جي اڪثر ڳوٺن وانگر ڳوٺ تلوايو به ڪوئلي جي کوٽائي سبب عذاب ھيٺ آھي جتي ڪافي گهر مائننگ سبب نڪرندڙ مٽي جي ڊمپينگ سبب لٽجي رهيا آهن پر انهن ماڻهن کي متبادل رهائش يا وري انهن جي گهرن ۽ زمينن جو معاوضو نه ملي سگهيو آهي جنهن ڪري اهي ڪول متاثر ماروئڙا بي يارو مددگار بڻيل آهن، تلوايو جي ڳوٺاڻي ڪڪو مهراڻپوٽو جي ڪهاڻي ٿر ۾ ڪوئلي جي کوٽائي دوران متاثر سڀني ڳوٺاڻن جي نمائندگي ڪندڙ ڪيس اسٽڊي جيان آھي، ڪڪو مهراڻپوٽو ٻڌائي ٿو ته منهنجي زمين ۾ ڪمپني کارو پاڻي ڇڏيو آهي جنهن جي ڪري منھنجي زمين خراب ٿي رھي آھي. زمين جو مونکي اڃان تائين معاوضو نه ڏنو ويو آهي ۽ منهنجا يڪسالا، پاڻي ڍور ۽ زمين جا مهاڳا به انهن زبردستي مون کان وٺي ڇڏيا آهن، عدالت سڳوري ۾ ھيستائين ھلندڙ ڪيسن جي پيش رفت منهنجي فائدي ۾ آهي پر ان جي باوجود به ضلعي انتظاميا توڙي روينيو ڪامورا ان تي عمل ڪرائڻ لاءِ تيار نه آهن ۽ جيتوڻيڪ منهنجا اڃان به ڪجھه ڪيس عدالتن ۾ هلندڙ آهن ۽ آئون عدالت سڳوري مان اڳتي به ساڳي نموني پُراميد آھيان. ڪڪو مھراڻ پوٽي مطابق اسان پنهنجي ديس ۾ بي گھر آهيون ۽ ابن ڏاڏن جي ملڪيتن کي خوشي سان نه ٿا ڇڏي سگهون پر مجبور بڻيل آهيون ڪير ٻڌڻ وارو ناهي اهڙي ريت اسان جا ڳوٺ به هاڻي واري سان لٽجي ۽ دٻجي رهيا آهن. ڪڪو مھراڻ پوٽي موجب علائقي ۾ مائننگ جو پاڻي هيوي پائيپ لڳائي اوپن ڇڏيو پيو وڃي جنهن ڪري اتي زرخير زمينون تباھ ٿي رهيون آهن ۽ جهنگلي جيوت به متاثر ٿي رهي آهي ۽ اهڙي طريقي سان چوپايو مال به انهي زهريلي پاڻي کي استعمال ڪرڻ سان ۽ ان ۾ ڦاسڻ سبب مري رهيو آهي. ٻئي پاسي علائقي جي چند متحرڪ ڳوٺاڻن کي ڪمپنيون لالچون ڏيئي پنھنجو حصو بڻائي ڳوٺاڻن جي آواز کي داٻائڻ جي ڪوشش ۾ آهن جنهن ڪري علائقي ۽ علائقي واسين جو وڌيڪ نقصان ڪيو پيو وڃي پر انصاف ملڻ تائين ٿريا مجموئي طور پنهنجي جدوجهد تان ھٿ ھرگز نه کڻندا.
بھرحال ڪڪو مهراڻپوٽو جي ڪيس اسٽڊي ٻڌائي ٿي ته ڪول ايريا جا هزارين متاثر ماڻهو پنهنجن حقن جي حاصلات لاءِ ھڪ پير به پوئتي ھٽڻ لاءِ تيار نه آھن ۽ آخري ساھ تائين پنھنجي حقن لاءِ ميدان ملھائيندا، جڏهن ته انھي ڳالھه ۾ ڪو شڪ ڪونھي ته ٿر بنيادي طور قدرتي معدني وسيلن جي ڪري شاهوڪار خطو آهي ۽ هن خطي ۾ هر قسم جي قدرتي معدنيات ڪوئلو، چائنا ڪلي، گرينائيٽ، لوڻ جي کاڻين سميت قدرتي باراني زراعت ۽ بيشمار جھنگلي نباتاتي وسيلا، مال مويشي، سولر ۽ ونڊ جھڙي متبادل توانائي لاءِ موزون حالتون ۽ ٻيا اھڙا انيڪ وسيلا ٿر جي سيني ۾ سمايل آهن جن جو صحيح ۽ مناسب استعمال علائقي توڙي ملڪي ترقي لاءِ رحمت ثابت ٿي سگھي ٿو، پر افسوس انھي ڳالھ جو آھي ته انهن بيشمار قدرتي وسيلن هجڻ باوجود اسانجي ٿر جھڙو خوبصورت خطو غريب، پوئتي پيل ۽ ھٿن سان ڏتڙيل ئي رکيو ويو آھي جتي ٻارن جي موت، مورن جي مرڻ ۽ پيڙھيل عوام جي خودڪشين جون خبرون ڄڻ ته ھتان جي شناخت بڻجي رھيون آھن، ٿر واسي پنهنجي قيمتي وسيلن هوندي به مالڪي کان محروم بڻيل آهن ۽ ڌاريا ھتان جي حڪمرانن سان ٻٽ هجڻ ڪري وسيلن جا وارث بڻجي ٽڪي ڌڙي وکر جي نيلامي ۾ مشغول آھن ۽ ٿري مارو پنهنجي ديس ۾ نڌڻڪا بڻجي رهيا آهن. ڪمپنين شروع کان سرسبز باغ ڏيکارڻ جون ڳالهيون ڪري زمين ٿرين جي پيرن هيٺان ڪڍڻ شروع ڪئي آھي ۽ ترقي ڪرڻ لاءِ نالو ڏنو ويو ته "ٿر بدلي گا پاڪستان ” اسان سڀ خوش ٿياسين ته اسان ملڪ کي بدلائينداسين ته گڏوگڏ اسان به بدلجي ٿر کي دبئي جهڙي ديس ۾ ڏسي خوشحال بڻجي وينداسين پر خبر نه آھي ته ھنن ڪمپنينن ھيستائين ملڪ کي بدلائڻ ۾ ڪيتري سچائي ڏيکاري آھي حالانڪه يقينن ٿر ۽ ٿري عوم بدلجڻ بجاءِ تباهي واري ڏاڪڻ کي ڇهڻ ڏانھن وڌندو نظر اچي پيو، جيتوڻيڪ اسان ٿري ڪوئلي جي نڪرڻ سان ٿيندڙ ملڪ جي ترقي جا مخالف ھرگز ناهيون پر پنهنجي زمين بغير معاوضن يا ڀڳڙن مٺ عيوض پيرن هيٺان نڪرندي ڏسڻ سان گڏ پنهنجا مال متا، ماڳ، مڪان، ڏهر، سيمون، گوڇارون، عبادت گاهون، مڙها، قبرستان، آستان، گوئچر ۽ هر جهنگلي جيوت کي وڃائيندي ڏسي پاڻ کي ترقي بجاءِ تنزلي جو شڪار ٿيندي ڏسي رهيا آهيون، ٿرين سان ٿيندڙ ھن سڄي ماجرا پويان ڏينھن اول کان ٿر جي ڪوئلي جي بلاڪ نمبر 2 تي ڪم ڪندڙ ڪمپني سنڌ سرڪار جو سھڪار وٺندي مقامي ماڻھن سان اھڙي نموني ته ٻه اکيائي ۽ ڏاڍ زورائي جي ابتدا جي تاريخ رقم ڪئي جو باقي پويان ايندڙ ٻين ڪمپنين ۽ ٺيڪيدارن ساڳي روش جو مظاھرو ڪندي ٿرين سان خوب ظلم ۽ زيادتيون ڪيون آھن. انھي سڄي ظلم تي مقامي ماروئڙا ڪنهن در دانهڻ بجاءِ مسلسل احتجاج ڪري ستل مقامي چونڊيل نمائندن ۽ حڪمرانن کي جاڳائڻ جي ڪوشش ۾ رڌل رھيا آهن پر اقتدار جي نشي ۾ ستل نااهل جاڳڻ لاءِ تيار نه آهن، جيتوڻيڪ دودي ڀيل جي قتل کان وٺي ٿر جي ٻين اھڙن نوجوانن سان ٿيل حادثن تي جڏھن ماروئڙن مڙي مٺ ٿي آواز اٿاريو ته ڪمپني ۽ سنڌ سرڪار سميت سڀني لاڳاپيل ڌرين لاءِ حالتون ھڪڙي حد تي ڪجھه قدر گنڀير ٿي پيون ۽ آخرڪار ڪمپني جي پوين پيرن ميدان ڇڏي ڀڄڻ جون خبرون ميڊيا ۾ سامھون ھلن پيون، پر ڪوئلي جي ڪاروبار ۾ نئين ايندڙ ڪمپني تي پڻ ٿرين کي ساڳي چوڪسي رکڻي پوندي ته جيئن ھو اڳئين ڪمپني واڱر سنڌ سرڪار کي گمراھ نه ڪري سگھي، جيتوڻيڪ تازو ٿيل اليڪشن جي چونڊ مھم دوران جڏھن بلاول ڀٽو ٿر آيل ھو ته صحافين جي سوالن تي ھن اھو واضح ڪيو ھو ته ڪارونجھر جو گرينائيٽ ٿرين جي رضا کان سواءِ نه ڪڍيو ويندو، ٿر جا آر.او پلانٽس صحيح نموني ھلايا ويندا ۽ ڪوئلي جي رائلٽي جلد ٿر تي خرچ ڪئي ويندي. ھاڻي ھڪ دفعو وري جڏھن پيپلزپارٽي مرڪز جي سرڪار جي سھڪاري آھي ۽ سنڌ ۾ وري سرڪار ٺاھي اٿس ته کين ڪيل واعدن کي وفا ڪرڻو پوندو نه ته ٻئي صورت ۾ ٿريا پنھنجن حقن لاءِ آواز اٿارڻ وارو سلسلو ھرگز بند نه ڪندا. انھي سلسلي ۾ مظبوطي سان جدوجھد ڪندڙ ٿر سٽيزن فورم جي اڳوڻ اوڀايو جوڻيجو جو چوڻ آھي ته ھو ٿر جي پاڻي، ماحول ۽ زمينن جي تحفظ واسطي توڙي منسلڪ انساني حقن جي لتاڙ خلاف آخري حد تائين آواز اٿاريندا.
بھرحال ٿر ڪول ايريا ۾ ٿيندڙ انھيءَ ظلم خلاف غريب ٿرواسين کي ٿر جي سمورين سڄاڻ ڌرين جي ساٿ جي ضرورت آهي. سڀني ساڃاھوندن کي ھيٺيان اھم مطالبا مڃرائڻ لاءِ ڪنھن گڏيل پليٽفارم تان جدوجھد ڪرڻ جي اشد ضروت آھي.
1: ڪول ايريا ۾ ايندڙ زمين ماڻهن کان مڪمل خريد ڪري کين دربدر ڪرڻ بجاء ليز تي ورتي وڃي، جيڪا زمين (ذاتي توڙي ڳوٺاڻن جو گڏيل اثاثو) کاڻين جي کوٽائي، پاڻي جي نڪرڻ، گندي پاڻي جي نڪاسي يا اھڙي ڪنھن لاڳاپيل سبب ڪري خراب، ضايع يا بنجر ٿي ته ان جو مناسب معاوضو يا متبادل مھيا ڪيو وڃي
2: علائقي ۾ متاثر ٿيندڙ مقامي ماڻهن کي روزگار ڏيئي انهن کي بنيادي سهولتون پاڻي، تعليم، صحت، انفرا اسٽريڪچر سميت کين بنيادي ٻيون سڀئي سھولتون ڏيئي سندن سمورا مسئلا حل ڪيا وڃن
3: مائننگ مان نڪرندڙ پاڻي لاڳاپيل قانوني دائري ۽ رھنمائي اصولن تحت ڪڍيو وڃي ۽ گڏوگڏ انھي پاڻي جي گھربل چڪاس، ٽيسٽنگ توڙي ٽريٽمينٽ ڪري کين جوڳي ۽ جٽادار طريقي سان استعال ڪرڻ گھرجي
4: ڪوئلي واري علائقي توڙي سموري ٿر ۾ جر کي برساتي پاڻي سان ريچارج ڪرڻ وارن منصوبن کي فروغ ڏنو وڃي
5: ڪوئلي مان ملندڙ رائلٽي کي جلد کان جلد ٿر جي عوام جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ خرچ ڪئي وڃي
6: ڪول ايريا ۾ ايندڙ ڳوٺن جي رهواسين لاءِ اڳواٽ رهائش جو بندوبست ۽ کين ٿيل سڀني نقصانن جا مناسب معاوضا توڙي متبادل ڏيئي پوءِ ئي مائننگ ڪئي وڃي.
7: ڪمپنين جي ھيڪل ھٺي کي ٻنجو ڏيئي عوام جي شموليت سان فيصلن وسيلي عوام خلاف ٿيندڙ ڪمپنين جون زيادتيون ۽ ظلم بند ڪري مقامي ترقي وٺرائي وڃي
8: ڪوئلي جي کاڻين جي کوٽائي ۽ بجلي پيدا ڪرڻ واري عمل ۾ خاص طور تي ٿر جي پاڻي، ماحول ۽ زمينن کي ٿيندڙ نقصان کان بچاءُ لاءِ سرڪار ۽ سڀني لاڳاپيل ڌرين کي ھڪ جامع حڪمت عملي ۽ مربوط رٿابندي تحت، ٿر جي مقامي ماڻھن جي رضامندي سان، گھربل سڀئي جوڳا اپاءُ جلد کان جلد وٺڻ گھرجن.